ابوظهبي- 22 جون (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جي الامارات ايئر لا??ين سعودي عرب لا??ِ اضافي حج اڏامون هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي. سعودي خابرو اداري موجب هلندڙ هفتي جي پڄاڻي کانپوءِ حج سيزن جي آغاز سان گڏ ئي ڪمپني اعلان ڪيو ته هو مڪي شريف ۽ جده لا??ِ اڏامن جي تعداد ۾ اضافو ڪ??دي. ايئر لا??ين هڪ بيان ۾ چيو ته ان دوران مديني شريف لا??ِ روزاني اڏامون هلايون وينديون. فضائي ڪمپني جده لا??ِ ٻطرفي 10 اڏامن جو اضافو ڪيو آهي ۽ ان روٽ تي 7 جولاءِ تائين بوئنگ 777 جون اڏامون هلايون وينديون. جده لا??ِ حج اڏامون الامارات ايئر لا??ين جي سعوي عرب لا??ِ موجوده شيڊول موجب هلنديون، ان ۾ چيو ويو آهي ته اضافي اڏامون انهن مسافرن لا??ِ آهن جن وٽ ڪارآمد حج ويزا آهي. انهن جي عمر 12 سال کان وڌيڪ هجي ۽ مسافرن ڪووڊ – 19 کان بچاءُ جي ويڪسين لڳرائي رکي هجي. الامارات پاڪستان، ڀارت، بنگلاديش، انڊونيشيا، ٿائيلينڊ، سيني گال، آئيوري ڪوسٽ، ماريشس ۽ ڏکڻ آفريقا کان سعودي عرب لا??ِ حج اڏامون هلائي رهي آهي. دبئي کان ايندڙ حاجي سڳورن لا??ِ هوائي اڏي تي هڪ ٽيم چيڪ اِن جو انتظام ڪندي ۽ رسمي ڪارروائي ۾ مدد ڪ??دي. ايئر لا??ين جو چوڻ آهي ته دبئي کان گذرندڙ مسافرن کي به انهن جي آمد جي در??ازي کان روانگي جي در??ازي تائين وٺي وڃبو ۽ حج ٽيم طرفان آمد جي سموري رسمي ڪارروائي مڪمل ڪئي وي??دي. الامارات جو چون آهي ته سندس حج اڏامن ۾ سوار ٿيندڙ مسافرن کي انهن جي ??قي??ي جي قدرن ۽ روايتن موجب وضو جي سهولت، بنا خوشبوءِ وارا توليا ۽ اضافي ڪمبل فراهم ڪيا ويندا ۽ جهازن جي الميقات زون ۾ داخل ٿيڻ جا اعلان ڪيا ويندا ته جيئن حاجي سڳورا حج احرام ٻڌي سگهن. مسافر 5 ليٽر تائين آب زم زم چيڪ ان ڪري سگهندا، جنهن جي باري ۾ چيو ويو آهي ته ان کي ڪارگو هولڊ ۾ خصوصي خانن ۾ رکيو ويندو، عيدالاضحيٰ جي 6 ڏينهن جي موڪلن دوران طلب کي پورو ڪرڻ لا??ِ وچ اوڀر جي مقبول ماڳن تي 34 اڏامن جو اضافو ڪيو ويو آهي. جي سي سي جي ملڪن ۾ فضائي ڪمپني 21 کان 25 جون تائين الدمام لا??ِ پنج اڏامون ۽ 22 جون کان 2 جولاءِ تائين ڪويت لا??ِ 9 اضافي اڏامون هلائيندي، ايئر لا??ين عيدالاضحيٰ جي جشن موجب کاڌي جا آپشنز به پيش ڪ??دي.
الامارات ايئر لائين پاران سعودي عرب لاءِ اضافي حج اڏامون هلائڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو