واشنگٽن-05 آڪٽوبر(اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان پاڪستان ?? آمريڪي سفارتي مشنز ۾ مقررين لاءِ چونڊيل امريڪي فارن سروس جي 16 آفيسرن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن سان ٻنهي م??ڪن وچ ۾ عوامي سطح تي رابطن کي هٿي ڏيڻ ۽ مضبوط اقتصادي لاڳاپا هموار ڪرڻ تي زور ڏنو. پاڪستاني سفارتخاني مان جاري پريس رليز موجب مسعود خان چيو ته ٻئي م??ڪ پنهنجي پراڻن لاڳاپن ۾ هڪٻئي سان گڏ بيٺل آهن. هن فارن سروس انسٽيٽيوٽ ( ايف ايس آءِ) ۾ 32 هفتن جي وقت تي ٻڌل اردو ٻولي جي ڪورس ۽ ثقافت جي تربيت مان گذرندڙ آفيسرن کي چيو ته اوهان جي ڪوششن سان ٻنهي م??ڪ خاص طور تي پاڪستان ۽ آمريڪا جي عوام کي هڪٻئي جي ويجهو آڻينداسين، پاڪستاني سفير اردو ۾ ڳالهائيندي آفيسرن تي زور ??ري?? ته هو سفارتڪاري ذريعي گڏيل غلط فهمين ۽ بدگمانين کي ختم ڪن، هن چيو ته ٻئي م??ڪ اقتصادي لاڳاپن ۽ سولين شعبن ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، هن چيو ته پاڪستان وٽ اهڙا بي قدرتي وسيلا، جاگرفيائي بيهڪ ۽ ڀرپور ثقافتي ورثو آهي جنهن کي پوري طرح استعمال ۾ ناهي آ??دو ويو. هن چيو ته تعليمي شعبي ۾ سهڪار ٻطرفي لاڳاپن جو هڪ اهم حصو آهي جيڪو پاڪستاني نوجوانن کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهڻ ۾ مدد ڪري ٿو، ان سلسلي ۾ هن 39 هزار اهڙن اڳوڻن شاگردن جي اهم ڪردار تي روشني وڌي جن آمريڪا ۾ مختلف تعليم?? ادارن مان تربيت حاصل ڪئي. ان کان اڳ ڊائريڪٽر ايف ايس آءِ سفير جوآن اي پولاسچڪ پاڪستاني سفير ک?? اداري جي مختلف تربيتي پروگرامن تي بريف ڪيو.
پاڪستاني سفير جي آمريڪي فارن سروس جي آفيسرن سان ملاقات، گڏيل عوامي رابطن ۽ مضبوط اقتصادي لاڳاپن تي زور
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج