تل ابيب – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) ڏکڻ اسرائيل ۾ حماس جي حملي جو نشانو بڻيل ميوزڪ فيسٽول واري هنڌ تان هن وقت تائين مبينا طور تي 250 کان وڌيڪ لاش مليا آهن. برطانوي نشرياتي اداري اسرائيلي ريسڪيو ايجنسي زڪا جي حوالي سان پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته نگيو جي ريگستاني علائقي ۾ سپرنووا نالي ان ميوزڪ فيسٽول جون تياريون ڪيترن ئي هفتن کان جاري هيون ۽ اهو اسڪوٽ نالي يهودي تهوار جي موقعي تي منعقد ٿيڻو هو. پارٽي ۾ ش??يڪ هڪ عورت اسرائيلي ميڊيا کي ٻڌايو ته صبح جو سائرن وڃ?? جي آواز سان گڏ ئي راڪيٽ هلڻ ۽ پوءِ فائرنگ جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا. ان کانپوءِ گاڏين ۾ سوار فوجي ورديون پاتل هٿياربند پارٽي واري هنڌ داخل ٿي ويا. پارٽي ۾ ش??ڪت ڪندڙ ان موقعي تي جان بچائڻ لاءِ پنهنجن گاڏين ڏانهن ڀڳا پر تمام گهڻي فائرنگ جي نتيجي ۾ جان بچائ?? جي ڪوشش ۾ ڪيترائي ماڻهو ڪري زخمي ٿيندا رهيا. عورت ٻڌايو ته هن جهاڙين ۾ لڪي پنهنجي جان بچائي. پارٽي ۾ ش??يڪ هڪ ٻئي شخص ٻڌايو ته هن جي اندازي مطابق حملي وقت پارٽي ۾ ش??يڪ ماڻهن جو انگ 3 هز??ر هو.
ڏکڻ اسرائيل ۾ حماس جي حملي جو نشانو بڻيل ميوزڪ پارٽي واري هنڌ تان مليل لاشن جو انگ 250 ٿي ويو
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نمبر