غزه-17 آڪٽوبر (اي پي پي)غزه ۽ خان يونس ۾ اسرائيلي فضائي حملن ۾ وڌيڪ 71 فسلطيني شهيد ٿي ويا آهن ۽ اسرائيلي فوج طرفان اتر غزه جي 10 لک کان وڌيڪ رهواسين کي ع??ائ??و خالي ڪرڻ جي الٽيمٽم کانپوءِ هزار??ن فسلطيني غزه ۽ مصر جي سرحد تي واقع رفح ڪراسنگ ??ي گڏ ٿي ويا آهن، جڏهن ته اسرائيل طرفان عدم ??عاون سبب هي راهداري اڃان تائين ناهي کولي وئي. برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن ۽ سندس برطانوي هم منصب جيمز ڪليورلي چيو آهي ته هو رفح ڪراسنگ کي ٻيهر کولڻ لاءِ اسرائيل، مصر ۽ خطي جي ٻين ملڪن جي عملدارن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن پر گڏيل قومن چيو ته رفح ڪراسنگ کي ٻيهر کولڻ جي باري ۾ ڳالهين ۾ ڪا به اڳڀرائي ناهي ٿي. مصري عملدار ان سلسلي ۾ اسرئيل تي عدم ??عاون جو الزام لڳائيندي چيو ته هو غزه تي فضائي حملا مسلسل جاري رکيا آهن جنهن سبب غزه کان ٻاهر وڃڻ وارا سمورا رستا بند آهن. اسرائيلي فوج گذ??يل هفتي غزه جي ناڪابندي جو حڪم ڏنو هو ۽ پاڻي، خوراڪ جي سپ??ائ?? بند ڪري ڇڏي هئي. سومر ڏينهن جنگ ??ندي جي اطلاعن تي غزه جا هزارين رهواسي ٻاهر وڃڻ لاءِ رفح ڪراسنگ ??ي گڏ ٿي ويا تنهن هوندي به اسرائيلي وزيراعظم ۽ حماس ٻنهي جنگ ??ندي جي ترديد ڪئي جنهن سبب اهي ماڻهو اڃان تائين رفح ڪراسنگ ??ي ڦاٿل آهن. هي ڪراسنگ ??زه مان نڪرڻ جو واحد امڪاني رستو آهي پر اسرائيلي غزه تي پنهنجي فضائي مهم شروع ڪرڻ کانپوءِ رفح ڪراسنگ پوائنٽ جي ڀرپاسي جي ع??ائ??ن کي گهٽ ۾ گهٽ 3 ڀيرا نشانو بڻايو آهي، آمريڪا ۽ برطانيه سميت ڪيترن ئي ملڪن پنهنجي شهرين کي رفح ڪراسنگ ڏانهن وڃڻ جي سفارش ڪئي آهي جيڪي ان کي ٻيهر کولڻ لاءِ تيار آهن. مصر ۽ ٻين عرب رياستن جو چوڻ آهي ته هي ناقابل قبول هوندو ڇاڪاڻ ته هي فسطلينين کي سندن سرزمين تان بي دخل ڪرڻ جي برابر هوندو، ٻئي پاسي غزه جي گهرو وزارت ٻڌايو ته خان يونس ۽ رفح ۾ واقع گهرن کي سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات اسرائيلي حملن ۾ نشانو بڻايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ 71 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن.
غزه ۽ خان يونس ۾ اسرائيلي فضائي حملن ۾ وڌيڪ 71 فسلطيني شهيد
مضمون کا ماخذ : resultados loteria ریو ڈی جنیرو