نيويارڪ -01 نومبر (اي پي پي) نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن واري آفيس او ايڇ سي ايڇ آر جي ڊائريڪٽر ڪريگ موخيبر اس??ائيل فلسطين بحران کي مناسب طريقي سان حل ڪرڻ ۾ گڏيل قومن جي ناڪامي تي پنهنجي عهدي تان احتجاج طور اس??عيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. روس جي اخبار جي رپورٽ مطابق پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته غزه ۾ فوري جنگ بندي گڏيل قومن جي ذميواري هئ??. ج??ڪا ذميواري پوري ڪرڻ بجاءِ گڏيل قومن آمريڪا جي طاقت سامهون هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ هڪ اهڙي وقت ۾ اس??ائيلي لابي جي مقابلي ۾ شڪست تسليم ڪئي جڏهن ته فلسطين ۾ آبادڪاري جو يورپ جو نئين آبادي وارو منصوبو پنهنجي آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي. ڪريگ موخ??بر گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ کي لکيل هڪ خط ۾ چيو آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر فلسطينين جي نسل ڪشي اس??ن پنهنجي اکين سان ڏسي رهيا آهيون ۽ اس??ن جنهن عالمي اداري لاءِ ڪم ڪندا آهيون اهو ان کي روڪڻ ۾ بي بس نظر اچي رهيو آهي. هن چيو ته غزه ۾ جاري اس??ائيل جي فوجي ڪارروائي فلسطينين جي نسل ڪشي آهي. هن چيو ته اس??ائيل جي فوج هٿان ??لسطين جي عوام جو وڏي پئماني تي قتل عام جنهن جون پاڙون نسل پرستاڻي آبادڪاري جي نئين آبادياتي نظرئي تي ٻڌل آهن جي نسل ڪشي ٿيڻ ۾ شڪ ۽ بحث جي ڪا به گنجائش ناهي. هن چيو ته آمريڪا، برطانيه ۽ يورپ جي اڪثر ملڪن جون حڪومتون غزه ۾ جاري اس??ائيل جي خوفناڪ ڪارروائي کي روڪڻ ۾ نه رڳو پنهنجي عالمي ذميوارين کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون آهن پر اهي اس??ائيل جي فوج کي سرگرمي سان ??ٿيار ڏيڻ، اس??ائيل کي اقتصادي طور امداد فراهم ڪرڻ ۽ اس??ائيل جي فوج کي ڳجهي معلومات فراهم ڪرڻ ۾ مصروف آهن. ڪريگ موخ??بر چيو ته اولهه جي ڪارپوريٽ ميڊيا ان سڄي عمل ۾ ڄاڻايل ملڪن جي ڀرپور معاونت ڪري رهي آهي ۽ فلسطينين جي نسل ڪشي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ لڳاتار کين غير انساني سطح تائين کڻي وڃي رهي آهي، ان ??اءِ نسلي يا مذهبي نفرت جي وڪالت لاءِ پروپئگنڊه ڪري رهي آهي. گڏيل قومون بار بار نسل ڪشي روڪڻ ۾ ناڪام رهيون آهن ۽ روانڊا، بوسنيا ۽ ميانمار ۾ روهينگا مسلمانن سان ??يل سلوڪ ان جو تازو مثال آهن. هن چيو ته هاڻي گڏيل قومن جي ڪا به ساک ناهي پر اس??ن جي ناڪامين جي نتيجي ۾ سڀ کان ??ڏو نقصان ??لسطين جي عوام جو ٿيو آهي. ان صورتحال کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن کي هاڻوڪن ڏينهن ۾ سڄي دنيا جي شهرن ۾ ماڻهن طرفان ظاهر ڪيل اصولي موقف مان سکڻ گهرجي جتي انهن شهرن ۾ اتان جو عوام وڏي انگ ۾ نسل ڪشي خلاف اٿي بيٺو آهي. هن گڏيل قومن کان ??طالبو ڪيو ته فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل جي ڌوڪي کي ختم ڪري علائقي ۾ فلسطين جي واحد جمهوري ۽ سيڪيولر رياست قائم ڪرڻ جي حمايت ڪئي وڃي جيڪا اس??ائيل جي نسل پرستاڻي ۽ نئين سر آبادي واري منصوبي کي پاڻ ئي مٽي ۾ ملائي ڇڏيندي.
گڏيل قومون اسرائيل فلسطين بحران کي مناسب طريقي سان حل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون، او ايڇ سي ايڇ آر جي سربراهه عهدي تان احتجاجن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش