اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) سينيئر پاڪستاني سفارتڪار منير اڪرم يونيسيف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ کي ٻُڌايو آهي ته پاڪستان چئلينجز باوجود پوليو جي مڪمل خاتمي طرف اهم اڳڀرائي ڪئي آهي. هن پوليو جي خاتمي بابت بورڊ جي خصوصي اجلاس دوران چيو ته اسان 2026ع تائين پوليو جي خاتمي ل??ءِ مقرر وقت اندر پوليو جي مڪمل خاتمي ل??ءِ پُرعزم آهيون. ان حوالي سان تبصرو ڪندي پاڪستاني سفير نشاندهي ڪئي ته 2022ع ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ پوليو ويڪسينيشن مهم کي بُريءَ طر?? متاثر ڪيو هو. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت ۽ عالمي شراڪتدار?? جي ٺوس ڪوششن سبب گذيل سال پوليو جا صرف 6 ڪيس سامهون آيا. هن ٻُڌايو ته هلندڙ سال پاڪستاني حڪومت 45 مل??ن ٻارن کي حفاظتي ٽُڪا لڳائڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي ۽ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڳ ئي ان مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. پاڪستاني سفير چيو ته ان هدف کي حاصل ڪرڻ ل??ءِ سموريون ڪوششون ڪيون ويون. هن چيو ته ان حوالي سان پاڪستان کي پنهنجن سمور?? لاڳاپيل عالمي شراڪتدارن سان فني ۽ مالي تعاو?? جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته 24ع ۾ پوليو پروگرامن ل??ءِ 205 مل??ن ڊالر گهربل هئا ۽ 95 مل??ن ڊالر جي کوٽ هئي. سفير منير اڪرم سمورن عطيو ڏيندڙ شراڪتدارن تي زور ڀريو ته هو پوليو جي خاتمي جي ڪوششن ۾ دل کولي حصو وجهن ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته ٻارن کي قطرا پيئارين. هن نمائندن کي ٻُڌايو ته اسان پوليو خلاف جنگ ۾ آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪا آهيون ۽ 2026ع تائين پوليو جي خاتمي ل??ءِ فوري ۽ جرئتمنداڻي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. واضح رهي ته ايگزيڪيوٽو بورڊ يونيسيف جي سرگرمين جو جائزو وٺي ٿو ۽ انه?? جي پاليسين، ملڪي پروگرام ۽ بجيٽ جي منظوري ڏئي ٿو. هي بورڊ 26 ميمبرن تي ٻَڌل آهي. گڏيل قومن جي ميمبر ملڪ?? جي 5 علائقائي گروپ?? جي نمائندگي ڪري ٿو. ان جو ڪم بيورو ذريعي مربوط آهي، جنهن ۾ صدر ۽ چار نائب صدر شامل آهن ۽ هر هڪ آفسر 5 علائقائي گروپن مان هڪ جي نمائندگي ڪري ٿو.
پاڪستان 2026ع تائين پوليو جي خاتمي بابت اهم اڳڀرائيءَ لاءِ پُرعزم آهي: منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا