??سل??م آباد – 10 جون (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) 2013ع ۾ اقتدار ۾ ايندي ئي پاڪستان اسٽيل ملز، پي آءِ اي، او جي ڊي سي ايل، بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين سميت ٻين 41 ادارن کي نجڪاري جي ??هرست ۾ وڌو، پي آءِ اي جو خسارو 500 ارب تائين پهچي ويو، اسان قومي ادارن ۾ سڌارن ذريعي خساري کي گهٽ ڪري عوام کي رليف ڏيڻ چاهيون ٿا، سمنڊ پار پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، مخالف ڌر جيڪڏهن انهن کي ڪورونا سان ڳنڍيو ته ان تي سخت احتجاج ڪ??داسين، تحريڪ انصاف جي حڪومت کي تباهه حال معيشت ورثي ۾ ملي پر ان جي باوجود اسان ڪورونا جهڙي وبا سان جنگ وڙهي ??هي?? آهيون. قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر پاران اٿاريل نقطن تي ڳال??ائ??ندي مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد چيو ته نجڪاري ۽ ادارن جي خساري واري معاملي تي انگ اکر موجود آهن، 2013ع ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت قائم ٿي، هن سڀ کان اڳ 41 ادارا نجڪاري جي ??هرست ۾و ڌا، انهن ۾ پي آءِ اي جي ??يويارڪ ۽ پيرس ۾ هوٽل، پي ايم ڊي سي، او جي ڊي سي ايل، پاڪستان اسٽيل ملز، پي آءِ اي ۽ بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنيون شامل آهن.
اسان قومي ادارن ۾ سڌارن ذريعي خساري کي گهٽ ڪري عوام کي رليف ڏيڻ چاهيون ٿا: مراد سعيد
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی