اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي اهميت ۽ ڪاميابي جي لاءِ 6 نقاطي پروگرام جي تجويز پيش ڪندي چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي، عالمي ??با جي تدارڪ جي لاءِ عالمي ??الياتي ادارن ?? جي – 20 ملڪن کي اسرندڙ ملڪن جي مدد ڪرڻ گهرجي، پوري دنيا جي معيشت سستي جو شڪار آهي، اظهار راءِ جي آزادي جي آر ۾ ڪنهن به مذ??ب جي توهين برداشت جوڳي نه آهي، ماحولياتي آلودگي جي خاتمي ??اءِ پاڪستان پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، افغانستان ۾ مستقل امن قائم ڪرڻ جي لاءِ سمورين ڌرين کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، گڏيل ق??من کي عالمي حل طلب مسئلن جي حل لاءِ سنجيده ڪوششون ڪرڻيون پونديون. هن اهڙن خيالن جو اظهار شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو.
وزيراعظم پاران شنگهائي تعاون تنظيم لاءِ 6 نقاطي پروگرام پيش
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹرائزڈ لاٹری