ڊيره اسماعيل خان – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان آبادگارن ۾ آبادگار ڪارڊ ۽ ماڪڙ جي خاتمي لاءِ موٽرسائيڪلن جون چاٻيون ورهايو??، ان سلسلي ?? هتي آبادگار ڪنوينشن جو انعقاد ڪيو ويو، جنهن ?? خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان، وڏو وزير محمود خان، وفاقي وزير علي امين گنڊاپور ۽ وزيراعظم جو خاص مددگار جمشيد اقبال چيمه به موجود هئا. وزيراعظم آبادگارن ۾ آبادگار ڪارڊ ورهايا، پهرئين مرحلي ?? صوبي جي پنج لک رجسٽرڊ آبادگارن مان 2 لک آبادگارن کي آبادگار ڪارڊ ورهايا پيا وڃن، آبادگار ڪا??ڊ سڄي ملڪ جي سمورين اي ٽي ايم مشينن تي استعمال ڪري سگهبا. پهرين مرحلي ?? آبادگارن جي ڊيٽا بيس کي بهتر بڻايو ويندو ۽ کين سبسڊي (مشينري، ان پٽ وغيره) فراهم ڪئي ويندي جڏهن ته ٻئي مرحلي ?? آبادگارن کي بنا وياج/ گهٽ مارڪ اپ تي قرض فراهم ڪيا ويندا ۽ فصلن جي انشورنس ڪئي ويندي، ان کانسواءِ کين قدرتي آفتن جي صورت ۾ مالي امداد به فراهم ڪئي ويندي، ان کانسواءِ صوبي ۾ زراعت جي فروغ لاءِ مالي سال 22 -2021ع جي دوران آبادگارن کي 1048.38 ملين روپين جي سبسڊي ڏني ويندي.
وزيراعظم آبادگارن ۾ آبادگار ڪارڊ ۽ موٽرسائيڪلن جون چاٻيون ورهايون
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت