اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان غريب طبقي جي لاءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊي پر??گرام کي جلد شروع ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت کي عام ماڻهو تي مهانگائي جي اثرن جو احساس آهي، صحت ڪارڊ، آبادگار ڪارڊ ۽ احساس پر??گرام جي دائري کي وڌايو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ته غريب طبقي جي لاءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊي جو وڏو پر??گرام جلد شروع ڪيو وڃي. هن چيو ته حڪومت کي غريب طبقي تي مهانگائي جي اثرن جو احساس آ??ي ۽ انهي لاءِ حڪومت صحت ڪارد، آبادگار ڪارڊ ۽ احساس پر??گرام جي دائري کي وڌائي رهي آهي. اجلاس ۾ سنڌ ۾ اٽي جي وڌندڙ قيمت تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. ان کان اڳ غربت جي خاتمي واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم عمران خان کي احساس ٽارگيٽيڊ سبسڊي پر??گرام تي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، پنجاب جي ناڻي واري وزير مخدوم هاشم جوان بخت، خيبرپختونخواهه جي ناڻي واري وزير تيمور سليم جهڳڙا، نيشنل بئنڪ جي صدر عارف عثماني، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي چيف سيڪريٽري ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته ناڻي وارو صلاحڪار ??وڪ?? ترين وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٽارگيٽيڊ سبسڊي پر??گرام وفاق ۽ صوبائي حڪومتن جي گڏيل مالي معاونت سان شروع ڪيو ويندو جنهن تي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه اڳ ۾ ئي دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان سان ڳالهه ٻولهه ڪئي پئي وڃي ته اهي به ان ۾ شامل ٿين. ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي ٽارگيٽيڊ سبسڊي پر??گرام جي تيارين تي تفصيلي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته پٺتي پيل طبقي کي مهانگائي کان بچائڻ جي لاءِ احساس ٽارگيٽيڊ سبسڊي پر??گرام هلندڙ سال جلد جاري ٿيندو، پر??گرام جي لاءِ احساس ۽ نيشنل بئنڪ جي حصيداري سان موبائيل پوائنٽ آف سيل نظام تيار ڪيو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته احساس جي اهل خاندانن کي ان پر??گرام ذريعي مخصوص شين تي ڪرياني ??سٽ??ر تان خريداري تي رعايت ملندي.
حڪومت کي عام ماڻهو تي مهانگائي جي اثرن جو احساس آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا