ڪابل – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان، افغانستان جي ??يجهي پاڙيسري ملڪن سان گڏجي خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو تعيري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن ڪابل ۾ افغانستان جي عبوري وزيراعظم ملا حسن آخوند سان ملاقات ۾ چئي. افغان عبوري حڪومت جو پرڏيهي وزير امير خان متقي به ان موقعي تي موجود هو، جڏهن ته وزيراعظم جو افغانستان بابت خصوصي نمائندو محمد صادق، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، افغانستان ۾ مقرر پاڪستاني سفير منصور احمد خان، اعليٰ عسڪري قيادت ۽ پاڪستاني وفد جا ٻيا ميمبر به ان ملاقات ۾ شريڪ هئا. ملاقات دوران ٻطرفي گڏيل دلچسپي جي م??املن، واپاري ۽ اقتصادي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ افغان عوام کي م??اشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. افغانستان جي عبوري حڪومت جي ??زيراعظم ملا حسن آخوند پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني وفد جو ڪابل اچڻ تي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ ڊگهي امن ۽ استحڪام جو خواهشمند آهي ۽ انساني بنيادن تي افغان ڀائرن جي ??اءِ مدد جي پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان، افغانستان سان ٻطرفي واپار وڌائڻ جو خواهشمند آهي. افغان شهرين خاص طور تي واپارين لاءِ ويزا سهولتون، نوان بارڊر پوائنٽس جاري ڪرڻ ۽ چرپر ۾ سهولت جي ??راهمي انهي سلسلي جون ڪڙيون آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان، افغانستان جي ??يجهي پاڙيسري ملڪن سان گڏجي، خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، افغان حڪومت جي عبوري وزيراعظم ملا حسن آخوند انساني امداد جي ??قت سر فراهمي تي پاڪستاني قيادت جو ٿورو ادا ڪيو.
پاڪستان، افغانستان جي ويجهي پاڙيسري ملڪن سان گڏجي خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو تعيري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي: مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ