اسلام آباد – 06 جنوري (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪ??مت اظهار جي آزادي جي راءِ تي مڪمل يقين رکي ٿي، صحافت ۾ ڪورٽ رپورٽر جو ڪردار تمام اهم آهي، ڪورٽ رپورٽرز ٽيڪينڪل فيلڊ آهي، وڪيلن وانگر صحافين کي به قانون کان آگاهي رکڻي پ??ندي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل باڊي کي مبارڪباد ڏيندي ڪيو. هن چيو ته غير جانبداراڻي صحافت سان ئي مع??شرو صحيح رخ ۾ هلي سگهي ٿو، حڪ??مت فيلڊ ۾ ڪم ڪندڙ صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته سڀني صحافين کي ايندڙ ڏينهن ۾ حڪ??مت پاران صحت ڪارڊ جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي، ان موقعي تي چوڌري فواد حسين ايڪسپريس نيوز جي ثاقب بشير کي صدر، نيو نيوز جي ذيشان سيد کي جنرل سيڪريٽري، سينئر نائب صدر ر??وا?? قاضي، انڊپينڊنٽ اردو سان لاڳاپيل مونا خان کي نائب صدر ۽ حسين احمد کي فنانس سيڪريٽري چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني.
تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار جي آزادي جي راءِ تي مڪمل يقين رکي ٿي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر