اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عمان جي سيڙپڪارن تي زور ڏنو آهي ته عماني واپاري پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن ۽ پاڪستان جي آزاد ۽ سيڙپڪاري دوست پاليسين مان فائدو وٺ??، پاڪستان جي سازگار ڪاروباري پاليسين سان غير مل??ي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ چڱو خاصو اضافو ٿيو، پاڪستان غير مل??ي سيڙپڪاري راغب ڪرڻ لاءِ خصوصي اقتصادي ۽ ٽيڪنالاجي زونز قائم ڪيا آهن، اهڙن خيالن جو ??ظهار هن عمان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي چيئرمين انجنيئر ريڌا جمعه محمد الصالح جي قيادت ۾ واپاري وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر چيو ته حڪومت عماني واپارين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪندي، واپاري وفد جي دوري سان ٻنهي مل??ن جي ڪاروباري برادرين جي وچ ۾ رابطا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. ملاقات ۾ اقتصادي لاڳاپن جي فروغ لاءِ واپاري ماپو وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو، ملاقات ۾ ٻنهي مل??ن جي چيمبر آف ڪامرس جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، عماني وفد مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو، وفد واپار ۽ سياحت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ڌرين ڀائر مل??ن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ لاءِ عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو.
عماني واپاري پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک