اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان از??ڪست??ن جي صدر شوڪت مرزايوف ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفي دلچسپي جي وسيع معاملن ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جي رفتار تي اطمين??ن جو اظهار ڪيو ۽ سياسي، واپاري، اقتصادي، دفاعي، سيڪيورٽي، رابطن، تعليم ۽ ثقافتي مٽاسٽا سميت سمورن شعبن ۾ گهڻ رخي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي خواهش کي ورجايو. هن ”ويزن سينٽرل ايشيا“ پاليسي جي فريم ورڪ جي اندر وچ ايشيا سان رابطا وڌائڻ جي لاءِ پاڪست??ن جي ڪوششن ج?? وضاحت ڪئي. صدر عارف علوي پاڪست??ن جي بندرگ??هن جي ذريعي از??ڪستان ۽ ٻين وچ ايشيائي ملڪن سان علائقائي انضمام ۽ رابطي جي امڪانن کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته ٽرانس افغان ريلوي اهڙو ئي هڪ منصوبو هوندو جنهن سان زميني رابطو مضبوط ٿيندو. هن سياحت کي فروغ ڏيڻ ۽ عوامي رابطن جي لاءِ هوائي رابطي جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. ٻنهي ??درن نوجوانن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام زميني رابطن جا فائدا حاصل ڪرڻ جي لاءِ لازمي آهي. هن چيو ته پرامن افغانستان خطي ۽ ان کان ٻاهر جي اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي ۾ ڪردار ادا ڪندو. صدر عارف علوي پاڪستان ۽ از??ڪست??ن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جي ايندڙ قدمن تي گڏيل پڌرنامي ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ مفاهمت جي ياداشتن/ معاهدن کي ساراهيو. هن چيو ته ترجيحي واپاري معاهدي تي صحيحن سان ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جون نيون راهون کلنديون. ٻنهي ??ڳواڻن تعليم، ثقافت، سلامتي ۽ دفاع ۾ تعاون تي اڳڀرائي ۽ هر سطح تي اقتصادي ترقي جا گڏيل هدف حاصل ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. ٻنهي ??درن گڏيل دلچسپي جي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي از??ڪ صدر کي ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال کان پڻ آگاهه ڪيو.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن