اسلام آباد – 06 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عالمي اسلامي يو??يورسٽي معياري گريجوئيٽس جو تعداد وڌائڻ لاءِ پنهنجي فزيڪل ۽ آن لائين تعليمي اسٽرڪچر کي وڌيڪ بهتر بڻائي، يو??يورسٽي تعليمي شفٽن کي ٻيڻو ڪري، ان سلسلي ۾ ٽن مهينن اندر تجويز پيش ڪري. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي عالمي اسلامي يو??يورسٽي اسلام آباد جي ريڪٽر پاران بريفنگ ڏني وئي، ريڪٽر اسلامي يو??يورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر معصوم ياسين زئي تعليمي پروگرامن ۽ نون منصوبن تي بريفنگ ڏني، بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته يو??يورسٽي تعليمي معيار ۾ بهتري لاءِ هڪ نئين اسٽريٽجڪ پلان 2022-26ع جي منظوري ڏني، نئين پلان جو مقصد تحقيق ۽ تعاون ۾ اضافو ۽ يو??يورسٽي جي مالي استحڪام کي وڌائڻ آهي، نئين پلان سان يو??يورسٽي ڪيمپس ۾ معيار زندگي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي، پلان سان گورننس ۾ بهتري ايندي، يو??يورسٽي جي ڊجيٽلائيزيشن ۾ به مدد ملندي، نئون پلان ملڪي سماجي ۽ اقتصادي ۽ ٽيڪنيڪي ماحول کي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته يو??يورسٽي شاگردن کي ٽيڪنيڪي هنر سان گڏ تنقيدي سوچ، موثر ڄاڻ، ٽيم ورڪ جهڙي سافٽ مهارتن سان به ليس ڪري يو??يورسٽي پنهنجي سينيٽ ۾ مارڪيٽ کان ماهرن کي شامل ڪري، صدر چيو ته ش??گردن کي مارڪيٽ جي ضرورت موجب هنر سان ليس ڪرڻ لاءِ انڊسٽري سان تعاون جي ضرورت آهي، هنرمند گريجوئيٽس جي وڌندڙ گهرج پوري ڪرڻ لاءِ 2 سالا ايسوسيئيٽ ڊگري پروگرامن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي، صدر ملڪ ۾ معياري تعليم جي فروغ ۾ يو??يورسٽي جي ڪارڪردگي ۽ ڪردار کي ساراهيو.
عالمي اسلامي يونيورسٽي تعليمي شفٽن کي ٻيڻو ڪري: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا