اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي عورتن کي سفارتڪاري کي بطور ڪيريئر چونڊ ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سفارتڪاري ۾ عورتن جي شموليت پائيدار ترقي، امن ۽ جمهوريت حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ايوان صد?? جي پريس ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظ??ار هن سفارتڪاري ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقع?? تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. صد?? چيو ته اڄ اسان سفارتڪاري جي سمورين سطحن تي عورتن جي مڪمل ۽ برابر شرڪت کي فروغ ڏيڻ جو وچن ڪريون ٿا، سڄي دنيا ۾ عورتون سفارتڪارن جي انگ ۾ اضافو حوصلي جوڳي ڳالهه آهي، عورت سفارتڪارن جي شرح 2018ع ۾ 16 سيڪڙو مان وڌي 2022ع ۾ اٽڪل 22 سيڪڙو ٿي وئي آهي. هن چيو ته پاڪستاني عورت سفارتڪار پرڏيهي وزير کان وٺي پرڏيهي سيڪريٽري ۽ ٻاهرئين ملڪ سفيرن تائين مختلف عهدن تي ڪم ڪنديون رهيون آهن، عورتن کي سفارتڪاري ۾ اعليٰ فيصلاسازي جي عهدن تي پهچائڻ جي لاءِ سازگار حالتون پيدا ڪيون وڃن. صد?? چيو ته سفارتڪاري ۾ عورتن جي پهرين عالمي ڏينهن جي موقع?? تي عورتن جي ڪاميابين ۽ خدمتن جو اعتراف ڪريون ٿا. سازگار ماحول جي فراهمي سان اهم سفارتڪاري ۾ عورتن جي شرڪت ۽ نمائندگي و??يڪ بهتر بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين. هن چيو ته صنفي تعصب جون مضبوط پاڙون اڃا به عورتن جي پيشيواراڻي ترقي ۾ رڪاوٽ آهن. صد?? اميد ظاهر ڪئي ته هي پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ پائيدار ترقي ۽ امن سان گڏوگڏ جمهوريت جي حاصلات لاءِ اسان جي رفتار ک?? تيز ڪندو. صد?? ان يقين جو اظ??ار ڪيو ته صحيح حوصلا افزائي ۽ سازگار ماحول جي فراهمي سان اهم سفارتڪاري ۾ عورتن جي شرڪت ۽ نمائندگي کي و??يڪ بهتر بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين.
سفارتڪاري ۾ عورتن جي شموليت پائيدار ترقي، امن ۽ جمهوريت حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز