سرينگر – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن ۽ تنظيمن چيو آهي ته 27 آڪٽوبر ڄمون ۽ ڪشمير جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، ڇو ته ڀارت 1947ع ?? ان ڏينهن ننڍي کنڊ جي ورڇ جي اصول جون ڌڄيون اڏائيندي ۽ ڪشميرين جون خواهشون پائمال ڪندي ڄمون ۽ ڪشم??ر تي قبضو ڪري ورتو هو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻ فردوس احمد شاهه، زمروده حبيب، خادم حسين، سبط شبير، ياسمين راجا، ڊاڪٽر مصعب، مسلم ليگ ڄمون ۽ ڪشمير، پيپلز ليگ ڄمون ۽ ڪشمير پنهنجي بيانن ۾ چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جا ماڻهو آزادي جي لاءِ پنهنجي منصفاڻي جدوجهد تان ڪڏهن به دستبردار نه ٿيندا. هن چيو ته هٺ ڌرمي جي ڪري ڄمون ۽ ڪشمير دنيا جو سڀ کان وڏو فوجي گهيري وارو خطو بڻجي چڪو آهي.
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável