اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه اڱاري ڏينهن ملائيشيا جي هم منصب انور ابراهيم سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ کيس وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ ت?? مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ون?? پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ملائيشيا جي نئين وزيراعظم ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي وزيراعظمن ??اڪ??تان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ ڀائراڻن ويجهي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ت?? اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن واپار ۽ سيڙپڪاري سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي لاءِ اعليٰ سطح جي وفدن جي مٽاسٽا جي اهميت تي پڻ اتفاق ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا سان اقتصادي، واپاري رابطن ۽ سياسي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ ملائيشيا سان گهڻ رُخي بنيادن تي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ??اڪ??تان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ تاريخي ٻطرفن لاڳاپن ۽ مضبوط معاشي ۽ واپاري تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو عزم ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ??اڪ??تان ۾ ماحولياتي تبديلين جي بدترين اثرن، ٻوڏ جي صورتحال ۽ 8 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ ??اڪ??تان ۾ ٻوڏ متاثرين جي بحالي جي حوالي سان منعقد ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جتي عالمي برادري ??اڪ??تان جي ريڪوري ۽ بحالي جي ڪوششن ۾ تعاون جي لاءِ گڏ ٿيندي.
وزيراعظم جو ملائيشيا جي هم منصب انور ابراهيم سان ٽيليفونڪ رابطو، عهدو سنڀالڻ تي مبارڪُون
مضمون کا ماخذ : como ganhar na raspadinha