اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف لڪي مروت ۾ پوليس صدر ٿاڻي تي حملي جي شديد مذمت ڪندي ڊي ايس پي اقبال مهمند سميت 3 جوانن جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم شهادت ماڻيندڙ ڊي ايس پي هيڊڪوارٽر اقبال مهمند، سپاهين وقار، مرجان، ڪرامت کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيرا??ظم شهيدن جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو پڻ اظهار ڪيو. وزيرا??ظم چيو ته پوليس دهشتگردي جي خلاف فرسٽ لائين آف ڊفينس جو شاندار ڪردار ادا ڪري رهي آهي. صدر ٿاڻي تي دهشتگردن جي حملي جو پوليس جرئت ۽ بهادري سان مقابلو ڪيو. دهشتگردي جي خاتمي ۾ پاڪستان جي بقاءَ ۽ ترقي آهي. وزيرا??ظم ڊرائيور سردار علي ۽ 6 زخمي پوليس اهلڪارن جي جلد صحتيابي جي دعا پڻ ڪئي. وزيرا??ظم خيبرپختونخواهه حڪومت کي شهيدن جي لاءِ پئڪيج ۽ زخمين کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪ??ڻ جي هدايت ڪئي.
وزيراعظم پاران لڪي مروت ۾ پوليس صدر ٿاڻي تي حملي جي شديد مذمت
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل