اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ طارق فضل چوڌري جي جوان پٽ جي حادثاتي موت جي ناقابل بيان ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ مسلم ليگ (ن) سندس ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ طارق فضل چوڌري جي جوان پٽ ??ي ڪار حادثي ۾ فوت ٿيڻ ??و ٻڌي ڏک ٿيو آهي. وال??ين جي لاءِ ٻارن کي وڃائڻ کان وڌيڪ دل کي ڌوڏيندڙ ڪا شيءَ ناهي هوندي. ناقابل بيان ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ منهنجي دل چوڌري طارق فضل ۽ سندس سوڳوار خاندان سان گڏ آهي. وز??راعظم چيو ته مسلم ليگ (ن) سندس ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. وز??راعظم دلي تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله پاڪ مرحوم جي روح کي سڪون ڏي.
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن