اسلام آباد – 24 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايٿوپيا سان ??اپ??ري ۽ اقتصادي رابطن کي فروغ ڏيڻ سميت ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادري جي وچ ۾ رابطن کي آسان بڻائڻ ۽ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ??اڪستان ۽ ايٿوپيا جا لاڳاپا گڏيل تاريخ، مفادن ۽ عالمي فورمز تي گڏيل حمايت تي ٻڌل آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايٿوپيا ۾ پاڪستان جي نامزد سفير ميان عاطف شريف سان ملاقات دوران ڪيو. هن سفير تي زور ڏنو ته ??و پاڪستاني مصنوعات جي درآمد جي لاءِ ايٿوپيا جي ??اپ??رين تائين پهچ ڪري ايٿوپيا سان ??اپ??ري ڪاٿو وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪري. هن چيو ته ايٿوپيا سان ??اپ??ري ۽ اقتصادي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان ۽ ايٿوپيا جي ڪاروباري ماڻهن جي وچ ۾ رابطن کي آسان ۽ بهتر بڻايو وڃي. نامزد سفير پاڪستاني مصنوعات جي برآمدات، ٻطرفي ??اپ??ري ڪاٿي کي وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪري. صدر ايٿوپيا سان تعليم جي شعبي ۾ تع??ون ۽ عو??مي رابطا وڌائڻ تي به زور ڏنو ۽ چيو ته ايٿوپيا جا شاگرد پنهنجي مهارتن کي وڌائڻ جي لاءِ ورچوئل ي??نيورسٽي، علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي آن لائين/ وڊيو تعليمي مواد مان فائدو کڻي سگهن ٿا. صدر چيو ته ??اڪستان ۾ ايٿوپيا جا نوجوان سفارتڪارن جي تربيت، بئنڪنگ ڪورسز سان ايٿوپيا سان ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ بهتر ٿيندا. ڊاڪٽر عارف علوي دنيا ۾ اسلامو فوبيا جي تدارڪ، بين المذاهب هم آهنگي ۽ گڏيل احترام جي فروغ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ??امزد سفير ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران انساني حقن جي خلاف ورزين، ظلمن کي اجاگر ڪندو. صدر چيو ته ??امزد سفير ڀارت ۾ اقليتن سان اڻوڻندڙ سلوڪ کي به اجاگر ڪندو.
پاڪستان ۽ ايٿوپيا جا لاڳاپا گڏيل تاريخ، مفادن ۽ عالمي فورمز تي گڏيل حمايت تي ٻڌل آهن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ