اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران ??فا??ي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته چ??نڊن ۾ پي ٽي وي جو اهم ڪردار آهي، پي ٽي وي تي سمورين سياسي پارٽين کي هڪ جهڙي ڪوريج جي فراهمي ترجيح هجڻ گهرجي، صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻين چونڊن ج?? لاءِ پي ٽي وي جو ڪردار ناقابل فراموش هوندو. اها ڳالهه هن پي ٽي وي نيوز ڪرنٽ افيئرز ۽ سوشل ميڊيا ٽيم سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ اطلاعات وارو ??فا??ي سيڪريٽري ظهور احمد ۽ پي ٽي وي جو ڊائريڪٽر ڪرنٽ افيئرز عون ساهي پڻ موجود هئا. اطلاعات واري نگران ??فا??ي وزير کي پي ٽي وي نيوز ۽ ڪرنٽ افيئرز پروگرامن بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران ??فا??ي وزير چيو ته پاڪستان ٽيليويزن ملڪ ۾ ميڊيا جو سڀ کان وڏو ادارو آهي ۽ چونڊن ۾ پي ٽي وي جو قومي ڪردار اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته پي ٽي وي تي سمورين سياسي پارٽين کي هڪ جهڙي ڪوريج جي فراهمي ترجيح هجڻ گهرجي، صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻين چونڊن ج?? لاءِ پي ٽي وي جو ڪردار ناقابل فراموش هوندو. هن چيو ته مختلف سياسي پارٽين ج?? اڳواڻن ج?? حالات حاضره جي پروگرامن ۾ شرڪت سان پي ٽي وي جي ساک ۾ اضافو ٿيندو. ان موقعي تي پي ٽي وي ٽيم اطلاعات واري نگران ??فا??ي وزير کي ٻڌايو ته گذريل ڪجهه سالن دوران خبرن ج?? ڪوريج ۽ اسڪوپ ۾ تيزي سان اضافو ٿيو آهي، پي ٽي وي پاران خبرن ج?? انگ ۾ اضافي سان ناظرين کي تازه ترين حالتن کان آگاهي ۾ مدد ملي آهي، خبرن ۾ آن ڪئميره رپورٽنگ ۽ سماجي مسئلن بابت رپورٽس کي خصوصي اهميت ڏني پئي وڃي، خبرن ج?? شعبي ۾ نه رڳو مقداري لحاظ سان تبديلي آئي آهي پر نيشنل نيوز بيورو اسلام آباد ۽ ٻين سينٽرز تان پيشڪش جو انداز پڻ بدلايو آهي.
چونڊن ۾ پي ٽي وي جو اهم ڪردار آهي، صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻين چونڊن جي لاءِ پي ٽي وي جو ڪردار ناقابل فراموش هوندو: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ