اسلام آباد – 24 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت گرد??ي قرضن ۾ گهٽتائي آڻڻ ج?? لاءِ هر ممڪن ق??م کڻي رهي آهي، توانائي واري وزارت گرد??ي قرضن جي خاتمي لاءِ هڪ موثر، پائيدار ۽ قابل عمل حڪمت عملي ٺاهي پيش ڪري، گرد??ي قرضن ۾ گهٽتائي آڻڻ ج?? لاءِ سمورين ڌرين کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ توانائي جي شعبي ۾ گرد??ي قرضن ۾ گهٽتائي جي حڪمت عملي تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نگران وفاقي وزيرن ڊاڪٽر شمشاد اختر، محمد علي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت سنڀاليندي ئي اسان ترجيحي بنيادن تي معيشت جي بحالي لاءِ ق??م کنيا، گرد??ي قرضن ۾ گهٽتائي آڻڻ ج?? لاءِ حڪومت هر مڪن ق??م کڻي رهي آهي. هن ??وانائي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته گرد??ي قرضن جي خاتمي لاءِ هڪ موثر، پائيدار ۽ قابل عمل حڪمت عملي ٺاهي پيش ڪئي وڃي. هن چيو ته گرد??ي قرصن ۾ گهٽتائي آڻڻ ج?? لاءِ سمورين ڌرين کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، بجلي چوري جي خاتمي واري آپريشن سان بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي وصولين ۾ خاطرخواهه بهتري آئي آهي. اجلاس کي پيٽروليم ۽ توانائي جي شعبن جي گرد??ي قرضن جي موجوده صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي مختلف ڪمپنين جي گرد??ي قرضن جي حوالي سان آگاهه ۽ انهن قرضن ۾ گهٽتائي جي لاءِ مختلف تجويزون پڻ پيش ڪيون ويون. نگران وزيراعظم لاڳاپيل وزارت کي ناڻي واري وزارت سان مشاورت کانپوءِ هڪ ٺوس، پائيدار حڪمت عملي ٺاهي پيش ڪرڻ ج?? پڻ هدايت ڪئي.
حڪومت گردشي قرضن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria