اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري وفاقي حڪومت جي تعاون سان سنڌ پوليس کي ضروري سامان جي فراهمي ??قيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي سنڌ جي مختلف عل??ئقن ۾ ترقياتي ڪمن جي رفتار تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب صدر آصف علي زرداري کي وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ سنڌ جي امن امان جي مجموعي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صدر کي امن امان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني جڏهن ته قا??ون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نمائندن صدر کي ڪراچي ۾ ڏوهن، ڪچي جي عل??ئقي ۽ صوبي جي مجموعي سيڪيورٽي صورتحال بابت آگاهه ڪيو. ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري هدايت ڪئي ته شهر جي داخلي ۽ خارجي رستن جي موثر نگراني جو نظام جوڙيو وڃي. هن چيو ته ڪراچي سيف سٽي پروجيڪٽ کي هنگامي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر وڌيڪ چيو ته پوليس چوري ٿيل مال جي موثر ٽريڪنگ کي يقيني بڻائيندي مناسب قانوني ڪارروائي ڪري. هن وڌيڪ چيو ته چيني شهرين جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر قسم جي معاونت فراهم ڪئي وڃي. صدر چيو ته ڪچي جي عل??ئقي ۾ آپريشن کي پوري قوت سان جاري رکيو وڃي، ڪچي جي عل??ئقي جي سيڪيورٽي صورتحال بهتر بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ پوليس چوڪيون قائم ڪيون وڃن. آصف علي زرداري هدايت ڪئي ته وفاقي حڪومت جي تعاون سان سنڌ پوليس کي ضروري سامان جي فراهمي ??قيني بڻائي وڃي. هن سنڌ جي مختلف عل??ئقن ۾ ترقياتي ڪمن جي رفتار تيز ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏيندي چيو ته سنڌو درياءَ جي ٻنهي ڪپن تي پڻ ترقياتي ڪم شروع ڪيا وڃن، ڪچي جي عل??ئقي ۾ قبائلي مسئلن جي حل لاءِ ڪميونٽي ۽ مقامي اڳواڻن جي مدد ورتي وڃي، سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي وچ ۾ ڏوهن جي روڪٿام جي حوالي سان موثر رابطن جي لاءِ نظام تيار ڪيو وڃي. صدر تعليمي ادارن ۾ منشيات جي ڦهلاءُ ت?? ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ڪراچي شهر کي منشيات کان پاڪ شهر بڻائڻو پوندو، شاگردن جا لازمي ??يسٽ ڪرائڻ، بحالي مرڪز قائم ڪرڻ جي لاءِ خصوصي قا??ون ٺاهي سگهجي ٿو. هن زور ڏئي چيو ته سنڌ حڪومت سمورن والدين کي منشيات جي خلاف آگاهي فراهم ڪري.
صدر پاران وفاقي حڪومت جي تعاون سان سنڌ پوليس کي ضروري سامان جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی ترکیبیں