آستانه – 04 – جولائي (??ي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۽ ايس سي او پلس سمٽ ۾ فلسطين جي صورتحال جي حوالي سان واضح موقف اختيار ڪ??و آهي ۽ عالمي برادري تي اسرائيل کي جوابده بڻائڻ ۽ انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻ تي زور ڏنو آهي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس کي خطاب ۾ غزه جو ڪيس ڀرپور طريقي سان وڙهيو ۽ هن عالمي برادري تي اسرائيل کي جوابده بڻائڻ ۽ انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻ تي زور ڏنو آهي. وز??را??ظم چيو ته اسرائيل فلسطينين جي نسل ڪشيءَ ۾ ملوث آهي، انصاف جي عالمي عدالت پڻ اسرائيل جي بي رحم??ڻي ڪاررواين کي فلسطينين جي نسل ڪشيءَ قرار ڏئي چڪي آهي. وز??را??ظم چيو ته اسرائيل غزه ۾ ظلم ڪري ره??و آهي ۽ جنگي ڏوهن جو ارتڪاب ڪري ره??و آهي، عالمي برادري غزه ۾ فوري جنگبندي ۽ انساني امداد جي پهچ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون تيز ڪري. هن چيو ته پاڪستان جو موقف آهي ته سمورن پر??ڻي تڪرارن جو حل گڏيل قومن جي قراردادن موجب ٿيڻ گهرجي. وز??را??ظم چيو ته فلسطين ۾ 37 هزار جي لڳ ڀڳ معصوم ماڻهن کي شهيد ڪيو و??و آهي جن ۾ وڌيڪ انگ عورتن ۽ ٻارن جو آهي، اسرائيل پاران 20 لک فلسطينين کي بي گهر ڪيو ويو، پاڪستان فلسطين جي مسئلي جو 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي طرز تي ٻه رياستي حل جو حامي آهي جنهن تحت فلسطيني رياست جو قيام ٿئي ۽ جنهن جي گادي وارو شهر القدس هجي.
وزيراعظم پاران شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۽ ايس سي او پلس سمٽ ۾ فلسطين جي صورتحال جي حوالي سان واضح موقف اختيار
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری