اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته پاڪستان دنيا جي انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي جتي وبا تي ضابطو آندو ويو آهي پر اسان کي عيدالاضحيٰ ۽ محرم دوران احتياط ڪرڻ جي ضرورت آه?? ته جيئن صورتحال بهتر ٿيڻ تي تعميرات جي شعبي وانگر ٻيا شعبا به ايس او پيز سان گڏ کولي سگهجن، اسان ڪورونا سان گڏ پنهنجي ماڻهن کي بک سبب مرڻ کان به بچائڻو هو ا?? لاءِ خطرو کڻي سمارٽ لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو جيڪو ا??له جي فضل ۽ ڪرم سان بهتر ثابت ٿيو، عيدالاضحيٰ ۽ محرم تي احتياط نه ڪئ?? ته ڪيسز جي انگ ۾ ٻيهر اضافو ٿي سگهي هو. هو وزيراع??م هائوس ۾ ڪورونا جي صورتحال ??و جائزو وٺڻ جي لاءِ منعقد اجلاس کانپوءِ خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستان ۾ ڪورونا جي ڪيسن ۽ فوتگين جي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ ٽن مهينن دوران سڀ کان گهٽ شرح ڪلهه رڪارڊ ڪئي وئي آهي، اسپتالن تي مريضن ??و جيڪو دٻ??ءُ هو ا?? ۾ به گهٽتائي آئي آهي، انتهائي نگهداشت ۽ آڪسيجن بيڊز تي دٻ??ءُ به گهٽ ٿي ويو آهي. وزيراعظم چيو ته اهو ا??له تعاليٰ جو اسان تي خاص ڪرم آه?? ته پاڪستان انهن ڪجهه ملڪن مان آهي جنهن ڪورونا جي وبا تي ضابطو آڻي ورتو آهي پر اڃا چئلينجز ختم ناهن ٿيا. اسان کي احتياط کي ڇڏڻو نه آهي. هن چيو ته 13 مارچ تي جڏهن لاڪ ڊائون ڪيو ته وڏا چئلينجز درپيش هئا، اڄ اسان مشڪل وقت مان نڪري آيا آهيون ۽ ڪورونا ڪيسن جو ا??گ گهٽ ٿي ويو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان تي دٻ??ءُ هو ته اسان يورپ جهڙا قدم کڻون. اسان به لاڪ ڊائون ڪيو، اسان جي پهرين حڪومت هئي جنهن ان ڳالهه کي سمجهيو ته يورپ ۽ چين جي مقابلي ۾ اسان جي ملڪ جون حالتون مختلف آهن.
پاڪستان وبا تي ضابطو آڻيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز