اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ??زيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ??فا??ي ڪابينا جي اجلاس ۾ حڪومت جا 2 سال مڪمل ٿيڻ تي ناڻي واري صلاحڪار اقتصادي صورتحال تي بريفنگ ڏني، ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ??الي سال جو خسارو 9.1 سيڪڙو متوقع هو جيڪو هن وقت 8.1 سيڪڙو آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 2 سالن جي عرصي ۾ 17 ارب ڊالر جي گهٽتائي ٿي، پاڪستان تحريڪ انصاف کي جڏهن حڪومت ملي ته جاري مالياتي خسارو 20 ارب ڊالر تائين پهچي ويو هو، ٻن سالن دوران روانگي واپار وڌائڻ ۽ غيرضروري درآمدات ۾ گهٽتائي جي پاليسي اختيار ڪئي وئي ۽ اسٽيٽ بئنڪ جا مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا 8 ارب ڊالر مان وڌي 12.5 ارب ڊالر تائين پهچي چڪا آهن، غريب ۽ پٺتي پيل طبقا وزيراعظم جي دل جي ويجهو آهن، تعميراتي شعبي جي لاءِ موجوده حڪومت تاريخي رليف پئڪيج ڏنو جنهن ۾ انهن طبقن جي ضرورتن جو خاص خيال رکيو ويو آهي، ڪوويڊ 19 جي صورتحال جي باوجود احساس پروگرام ??حت هڪ ڪروڙ 50 لک غريب خاندانن تائين مڪمل شفاف انداز ۾ مالي امداد پهچائي وئي جڏهن ته ??وٽيلٽي اسٽورز تي پڻ ضرورت ??ي شين تي رعايتي پئڪيج ڏنو ويو، وزيراعظم ڪچي آبادي جي رهواسين کي بي گهر ڪرڻ بدران قومي ڌارا ۾ آڻڻ ۽ کوکن جي حوالي سان سي ڊي اي کي پاليسي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي، ??فا??ي ڪابينا اين آءِ آر سي جي چيئرمين جي ملازمت جي مدي ۾ ٻن سالن جي واڌ ۽ شاهد محمود خان کي پارڪو جو ايم ڊي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي ??هي. ??فا??ي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پي آءِ ڊي ۾ صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته حڪومت جا ٻه سال مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهن، وزيراعظم جي هدايت تي ناڻي واري صلاحڪار ??فا??ي ڪابينا کي حڪومت جي ٻن سالن جي معاشي ڪارڪردگي ۽ غريب ۽ وچين طبقي جي لاءِ قدمن جي حوالي سان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير چيو ته ??فا??ي ڪابينا کي ٻڌايو ويو آهي ته حڪومت جي موثر ۽ ٺوس ڪوششن جي ڪري اقتصادي انگن اکرن ۾ بهتري اچي رهي آهي ۽ ڪوويڊ 19 جي باوجود معاشي انگ اکر بهتر رهيا ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ ۽ پورهيت طبقن جي بهتري تي ڌيان ڏنو ويو ۽ اهوئي سبب آهي جو دنيا ان ڪارڪردگي کي ساراهيو ??هي. هن چيو ته بلوم برگ جولاءِ جي مهيني ۾ پاڪستان جي اسٽاڪ ايڪسچينج کي دنيا جي نمبر ون اسٽاڪ ايڪسچينج قرار ڏنو آهي جڏهن ته ??وڊيز به اقتصادي بهتري جي درجابندي ۾ پاڪستاني معيشت کي مستحڪم قرار ڏنو ??هي. ??فا??ي وزير چيو ته جڏهن به غريب ۽ وچين طبقي جو ذڪر اچي ٿو ته ??زيراعظم عمران خان چوڪس ٿي وڃي ٿو ڇو ته اهو طبقو وزيراعظم جي دل جي تمام ويجهو ??هي. هن چيو ته تعميراتي شعبي جي لاءِ جيڪو پئڪيج ڏنو ويو ان ۾ به غريب خاندانن جو خيال رکيو ويو آهي، تعميراتي شعبي جي بحالي سان نه رڳو گهٽ آمدني وارن ماڻهن جو پنهنجي گهر جو خواب پورو ٿيندو پر سرگرميون بحال ٿيڻ سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. سينيٽر شبلي فراز چيو ته جهڙي طرح حڪومت ڪورونا وبا تي الله جي مدد سان ضابطو آندو، ان جو دنيا ۾ مثال نه ٿو ملي ۽ دنيا ان حڪمت عملي جا مثال ڏئي رهي ??هي.
وفاقي ڪابينا کي ناڻي واري صلاحڪار اقتصادي صورتحال تي بريفنگ ڏني: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : números dupla sena