اسلام آبا?? – 06 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين رح??م يار خان ۾ گنيش مندر وا??عي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته گنيش مندر کي هڪ گروه نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، هندو برادري جي مذهبي جذبن کي مجروح ڪندڙ ماڻهن کي قرار وا??عي سزا ملڻ گهرجي، پاڪستان هندستان نه آهي، هتي ڪير فاشٽ آئيڊيالاجي حڪمراني نٿي ڪري سگهي، پاڪستان جي جهنڊي ۾ موجود ٻنهي رنگن جي حرمت اسان تي فرض آهي. رح??م يار خان ۾ گنيش مندر وا??عي جي باري ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم ۽ چيف جسٽس اف پاڪستان ان معاملي جو ذاتي طور تي نوٽيس ورتو آهي، هن واضح ڪيو ته پاڪستان جي جهنڊي ۾ موجود ٻنهي رنگن جي حرمت اسان تي فرض آهي، اسان جي لاءِ سفيد رنگ به ايتري ئي حرمت رکندڙ آهي جيتري حرمت سائي رنگ جي آهي. سفيد رنگ پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتن جي حقن جي نشاندهي ڪري ٿو. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم پاڪستان سياسي ۽ فوجي قيادت ۽ عدالتون هڪ ترقي پسند ملڪ جي لاءِ پاڪستان جي ان آئين کي تسلم ڪن ٿيون جنهن ۾ اقليتن جي حقن جي تحفظ جو واعدو ڪي?? ويو آهي، هن چيو ته اسان کي پاڪستاني ڀائرن کي نسل، رنگ يا عقيدي جي بنياد تي نشانو بڻائيندڙ عنصرن جي خلاف اٿي بيهڻ گهرجي، وفاقي وزير چيو ته انشاءُ الله پاڪستان جو مستقبل هڪ اهڙو ترقي پسند ملڪ آهي جتي اقليتون مڪمل طور تي محفوظ هجن.
هندو برادري جي مذهبي جذبن کي مجروح ڪندڙ ماڻهن کي قرار واقعي سزا ملڻ گهرجي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : resultados loteria ریو ڈی جنیرو