دوشنبي – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد حسين چيو آهي ته افغانستان جي صورتحال تي تاجڪستان جو ڪردار انتهائي اهم آهي، وزيراعظم جي خواهش آهي ته پاڪستان ۽ تاجڪستان افغانستان جي مختلف نسلي ڌڙن کي ويجهو آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، اها ڳالهه هن وزيراعظم جي تاجڪستان جي دوري جي ٻي ??ينهن جي حوالي سان بريفنگ ڏني چئي. اطلاعات واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد حسين چيو ته وزيراعظم اڄ دوشنبي ۾ شن??ها??ي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندو، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، قومي سلامتي وارو صلاحڪار معيد يوسف ۽ پاڪستاني سفير به هتي موجود آهن. هن ٻڌايو ته شن??ها??ي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم تاجڪستان جي صدارتي محل ويندو جتي تاجڪستان جي صدر سان ڳالهيون ٿينديون، هن چيو ته افغانستان جي صورتحال ۾ تاجڪستان جو ڪردار انتهائي اهم آهي. اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته اڄ جو ڏينهن گهڻو اهم آهي، وزيراعظم جي خواهش آهي ته تاجڪستان ۽ پاڪستان ٻئي ڀائر ملڪ افغانستان جي مختلف نسلي ڌڙن کي ويجهو آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
افغانستان جي صورتحال تي تاجڪستان جو ڪردار انتهائي اهم آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : ریل رش