اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن ت?? اڳ ۾ ئي پاڪستاني سفارتخانو زائرين سان ??ڪمل رابط?? ۾ ??هي، اٽڪل 300 زائرين شام ۾ ڦاٿل آهن، سمورن پاڪستانين جي وطن واپسي جي لاءِ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، پاڪستاني سفارتخانو ۽ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز (پي آءِ اي) عملدار به مڪمل رابط?? ۾ ??هن. شام ۾ فضائي آپريشن معطل ٿيڻ کانپوءِ ڦاٿل پاڪستانين جي وطن واپسي جي حوالي سان ??يڊيا جي سوالن جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??نهنجي بيان ۾ چيو ته (سڀاڻي) سومر 13 جون 2022ع تي 160 ماڻهو پي آءِ اي جي ذريعي اليپو ايئرپورٽ (دمشق کان اٽڪل 150 ڪلوميٽر پري) کان ??اڪستان ??ڃڻ جي لاءِ تيار آهن. پاڪستاني سفارتخاني دمشق کان اليپو تائين مسافرن جي اچ وڃ جو بندوبست ڪيو آهي جڏهن ته باقي 140 زائرين پاڻ عراق ويندا.
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن