اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اليڪشن ترميمي بل بنا صحيحن جي واپس ڪري ڇڏيو. ايوان صدر پريس ونگ پا??ان جاري تفصيل موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته آئون ا??يڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ اوورسيز پاڪستانين جي ووٽنگ جي معاملي سان هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي کان ڳنڍيل رهيو آهيان ۽ سمورين حڪومتن، پا??ليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ان جي پيروي ڪندو رهيو آهيان، آئون آئين جي پاسداري ڪندو رهيو آهيان ۽ مون کي ان ڳالهه جو ادراڪ آهي ته آئين پاڪستان منهنجي ان بل تي صحيحون نه ڪرڻ جي باوجود ان کي قانون جي شڪل ڏئي ڇڏيندو. صدر پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 75 (2) جو حوالو ڏنو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته صدر جي مجلس شوريٰ (پارليامينٽ) کي بل واپس ڪرڻ تي مجلس شوريٰ (پارليامينٽ) گڏيل اجلاس ۾ ان تي ٻيهر غور ڪندي. ۽ جي????هن اهو مجلس شوريٰ (پارليامينٽ) جي ذريعي ترميم سان گڏ يا ان کانسواءِ اڪثريت جي ووٽن سان ٻيهر منظور ڪيو وڃي ٿو، ته ان کي صدر آڏو پيش ڪيو ويندو ۽ صدر 10 ڏينهن جي اندر پنهنجي منظوري ڏيندو، ائين نه ڪرڻ جي صورت ۾ ان بل جي منظوري تصور ڪئي ويندي. صدر خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته بحيثيت صدر پاڪستان مجلس شوريٰ جي منظور ڪيل بل تي صحيحون نه ڪرڻ منهنجي لاءِ ذاتي طور تي هڪ تڪليف ڏيندڙ ڳالهه آهي. ان لاءِ آئون ا??ندڙ نسلن جي لاءِ پنهنجا دليل ۽ خيال قلمبند ڪرڻ چاهيان ٿو. سبب ٻڌائيندي صدر چيو ته قانونن جي رجعت پسنداڻي نوعيت، جنهن جي هن ا?? وقت نشاندهي ڪئي هئي ج??هن هن ا?? بل کي پا??ليامينٽ ڏانهن واپس موڪليو هو، ان کانسواءِ ان ڳالهه تي پڪو يقين رکان ٿو ته ٽيڪنالاجي خاص طور تي اي وي ايم کي ج??هن موثر طور تي استعمال ڪيو وڃي ٿو ته ان ۾ ڪيترن ئي مسئلن جو حل موجود آهي جي??ي روايتي طريقن ۾ درپيش اچن ٿا. ٽيڪنالاجي سدائين کان تڪراري ۽ چئلينج شده چونڊ عمل ۾ ابهام، اختلاف ۽ الزامن کي گهٽ ڪري سگهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته ٽيڪنالاجي جو استعمال چونڊ عمل ۾ شفافيت آڻڻ، چونڊ مرحلي ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي شرڪت، سياسي اعتماد جي فضا قائم ڪرڻ ۽ ورڇ جي عمل کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن چيو ته هي قدم آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊن جي اسان جي هيستائين جي اڌوري خواب کي پورو ڪري سگهي ٿو. صدر چيو ته آئون چاهيان ٿو ته پاڪستان مستقبل ۾ تيزي سان ڪاميابي طرف وڌي، اڄ جي مسئلن کي رڳو ماضي جي تجربن جي روشني ۾ ئي حل نه ڪرڻ گهرجي پر جديد ۽ نئين سائنسي طريقن کي به استعمال ۾ آڻڻ گهرجي. مون کي ان ڳالهه جو پورو ادراڪ آهي ته اهو پا??ليامينٽ جي ٻنهي طرفن ۾ اعتمادي سازي جي فروغ ۽ حصيدارن جي وسيع تر شموليت کانسواءِ ممڪن نه ٿو ٿي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته ائين هيستائين ڇو ناهي ٿيو ۽ راءِ سازن ۽ فيصلا سازن پا??ان ا?? عام فهم شيءَ کي نظرانداز ڇو ڪيو ويو، اهو منهنجي لاءِ معمو رهندو. صدر چيو ته موجوده ۽ مستقبل جي حڪومتن ۽ پا??ليامينٽن کي ٻن شين جي چونڊ ڪرڻي پوندي، پهرين ا??ا ته ماضي کي اجازت ڏني وڃي هو پاڪستان کي پستي طرف وٺي وڃي يا پوءِ ماضي جي تجربن ۽ اڄ جي ٽيڪنالاجيز کي استعمال ۾ آڻيندي اسان پاڪستان جي روشن، ترقي پسند ۽ متحرڪ مستقبل جو خواب شرمنده تعبير ڪري سگهون. هن وڌيڪ چيو ته اهڙي طرح جي ڪيترن ئي مشڪل فيصلن کي اسان کي مستقبل ۾ به منهن ڏيڻو پوندو. تاريخ گواهه آهي ته جي??ي قومون صحيح فيصلا ڪن ٿيون ا??ي ترقي جون منزلون تيزي سان طئي ڪن ٿيون ۽ جي??ي ائين نه ٿيون ڪن ا??ي موقعا ضايع ڪن ٿيون جي??ي انهن کي بلندي ۽ ڪاميابي طرف وٺي وڃي سگهن.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي اليڪشن ترميمي بل بنا صحيحن جي واپس ڪري ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب