اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) ??طل??عات ۽ نشريات ??اري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران حڪومت آزاداڻي، منصفاڻي ?? شفاف چونڊ?? کي وقت سر منعقد ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال سميت ايندڙ چونڊن جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ??طل??عات ??اري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي مولانا فضل الرحمان جي سَسُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ??طل??عات ??اري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت آزاداڻي، منصفاڻي ?? شفاف چونڊون وقت سر منعقد ڪرائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، نگران حڪومت جي ذميواري آهي ته سمورين سياسي پارٽي?? کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪري. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آزاد ۽ خودمختيار ادارو آهي، اسان خوشگوار ۽ پرامن ماحول ۾ چونڊون منعقد ڪرڻ کي ممڪن بڻائڻ چاهيون ٿا. مولانا فضل الرحمان معاشي مسئلن جي حل لاءِ نگران حڪومت جي قدم?? کي ساراهيو ۽ چونڊ عمل ۾ پنهنجي هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو.
نگران حڪومت آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊن کي وقت سر منعقد ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا