گڏيل قومون -28 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي، ته ڏکڻ سوڊان ۾ پاڪستان جو امن جٿو هاڻي ان ڪيترائي ڪلوميٽر ڊگهي بند کي (حفاظتي بند) کي وڌيڪ مضبوط بڻائي رهيو آهي ته جيئن عوام کي ٻوڏ کان بچائي سگهجي. يو اين آفيس مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي، ته 2021ع ۾ پاڻي جي س??ح خطرناڪ حد تائين وڌڻ شروع ٿي هئي ته پاڪستاني ان??نيئرن ڊگهي حفاظتي بند کي تعمير ڪرڻ جو ڪم سنڀاليو ۽ ٻوڏ جي پاڻي کي روڪڻ لاءِ عارضي دفاعي ڍانچو تعمير ڪيو جنهن کي هاڻي اڃا وڌيڪ مضبوط بڻائي رهيا آهيون، پاڪستاني ان??نيئرن جي ڪمانڊنگ آفيسر ميجر وقاص سعيد خان چيو ته اسان سڀ کان پهرين جواب ڏيندڙ هئاسين ۽ اسان ئي پهرين مرحلي دوران اٽڪل 88 ڪلوميٽر ڊگهو بند تعمير ڪيو هو. هن چيو ته گذريل مهيني دوران اسان جو ڪم بنيادي طور تي بند کي مضبوط بڻائڻ ه??، اسان ان کي س??ڍا 3 ميٽر اوچي ڀت ۾ تبديل ڪيو آهي جيڪو گاڏين ۽ ماڻهن جي اچ وڃ جي استعمال لاءِ ڪافي ويڪرو آهي.
ڏکڻ سوڊان ۾ پاڪستان جو امن جٿو عوام کي ٻوڏ کان محفوظ رکڻ لاءِ حفاظتي بند کي مضبوط بڻائي رهيو آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : کڑک