واشنگٽن-05 ڊسمبر (اي پي پي) وائيٽ هائوس خبردار ڪيو ??هي ته يوڪرين لاءِ آمريڪي امداد هلندڙ سال جي آخر تائين ختم ٿي ويندي ۽ جيڪڏهن ڪانگريس نئين فنڊز جي فراهمي جي من??ور?? نه ڏني ته روسي صدر ولاديمير پيوٽن جنگ کٽي سگهي ٿو. فرانسيسي خابرو اداري مطابق صدر جوبائيڊن جي بجٽ ڊائريڪٽر شالينڊاينگ ريپبلڪن هائوس جي اسپيڪر مائيڪ جانسن جي نالي ه?? خط ۾ واضح طور تي چيو ??هي ته جيڪڏهن يوڪرين لاءِ فوجي امداد بند ٿي ويندي ته روس خلاف يوڪرين جي مزاحمت کي شديد نقصان پهچندو. هن چيو ته ان وقت اسان وٽ فنڊز نه آهن ۽ لڳ ڀڳ وقت ختم ٿي ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته واضح طور تي چوڻ چاهيان ٿو ته ڪانگريس طرفان نئين فنڊنگ جي من??ور?? جي بغير، هلندڙ سال جي آخر تائين اسان وٽ يوڪرين لاءِ وڌيڪ هٿيارن، ساز ۽ سامان جي خريداري لاءِ وسيلا ختم ٿي ويندا.
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena