گڏيل قومون -10 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان سڄي دنيا جي هاٽ اسپاٽ ۾ گڏ??ل قومن جي امن فوج جي ڪردار ۽ صلاحيت کي مضبوط بڻائڻ تي زور ڀريندي تجويز پيش ڪئي آهي، ته سلامتي ڪائونسل کي تڪراري ڌرين وچ ۾ امن معاهدن کي هٿ?? ڏيڻ لاءِ اثرائتو سياسي طريقيڪار جوڙڻ گهرجي. گڏ??ل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي ??ني?? اڪرم 15 رڪني ڪائونسل کي خطاب ڪندي گڏ??ل قومن جي امن فوجي ڪارروائين جو جائزو ورتو. هن نشاندهي ڪئي ته اهڙي ريت جي طريقيڪار لاءِ سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن، خاص طور تي مستقل ميمبرن وچ ۾ وڌيڪ سهڪار جي ضرورت آهي. هن ڏکڻ سوڊان ۽ سوڊان جي تڪراري علائقي ابي ۾ پاڪستاني امن جٿن جي ڪامياب ڪوششن جو حوالو ڏيندي چيو ته امن مشنز کي تشدد گهٽائڻ لاءِ برادري سطح تي مقامي امن جي انتظامن کي هٿ?? ڏيڻ تي به وڌيڪ زور ڀرڻ گهرجي. سفير ??ني?? اڪرم چيو ته پاڪستان گڏ??ل قومن جي امن آپريشنز ۾ ڊگهو ۽ ويجهو سهڪار رکي ٿو. هن چيو ته پاڪستان گڏ??ل قومن جي پهرين مشنز مان هڪ يو اين ملٽري آبزرور گروپ ان انڊيا اينڊ پاڪستان جنهن جو ??يام 1949ع ۾ تڪرار ڄمون ڪشمير ۾ لائن آف ڪنٽرول تي جنگ بندي جي نگراني لاءِ ڪيو ويو هو، جو ??يزبان رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان 46 مشنز ۾ 230000 امن جٿا به مقرر ڪيا آهن ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي خدمتن ۾ 181 امن جٿا وڃائي ويٺو آهي. هن چيو ته موجوده دور ۾ گڏ??ل قومن جي امن مشزن کي نين ۽ وڌندڙ چئلينجز کي منهن ڏيڻو آهي. جن ۾ تشدد، دهشتگردن طرفان پکڙيل افراتفري، وسيلن جي غيرقانوني نيڪال ۽ ڏوهاري سرگرمين ۾ منظم ڏوهاري نيٽ ورڪس جي شموليت، مقامي تڪرارن ۾ پرڏيهي مداخلت، گڏ??ل قومن جي امن جي قيام لاءِ وسيلن تي لاڳو پابندين ۽ ميمبر ملڪن، خاص طور تي ڪائونسل جي مستقل نمائندن طرفان گڏ??ل حمايت جو خاتمو شامل آهن. سفير ??ني?? اڪرم چيو ته عالمي برادري کي خاص طور تي گڏ??ل قومن ۽ سلامتي ڪائونسل کي انهن علائقائي تنظيمن جي مڪمل حمايت ڪرڻ گهرجي.
پاڪستان جو گڏيل قومن جي امن جٿن کي مخالف ڌرين وچ ۾ امن کي هٿي ڏيڻ تي زور
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری