اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباس?? جي صدارت ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جو 13 هون اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ ملڪ جي اندروني ۽ ٻاهرين سيڪيورٽ?? جي صورتحال ۽ ان کي عالمي ۽ علائقائي ڏس ۾ درپيش قومي سلامت?? جي چئلينجن ۽ خطرن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس دوران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڏکڻ ايشيا جي حوالي سان پاليس?? کي به غور هيٺ ??ندو ويو. اجلاس ۾ دفاع واري وزير خرم دستگير خان، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار، گهرو وزير احسن اقبال، پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف، چيئرم??ن جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل محمد ذڪاءُ الله، پاڪ فضائيه ج?? سربراهه ايئر چيف مارشل سهيل امان، قومي سلامتي ڪميٽ?? جي صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل (ر) ناصر جنجوعه، آءِ ايس آءِ جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار ۽ سينئر سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم جي صدارت ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ