اسلام آباد – 04 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي ج?? اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته حلف نامي کي اصل صورت ۾ بحال ڪرڻ جي لاءِ ترميمي بل اڄ خميس ڏينهن قومي اسيم??لي مان منظور ڪرايو ويندو. پارل??ام??نٽ هائوس ٻاهران پارلياماني اڳواڻن سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته گذريل ٻن ڏينهن کان چونڊ سڌارا بل 2017ع ۾ حلف جي معاملي تي بحث ٿي رهيو آهي، گذريل ڏينهن منهنجي طبعيت ٺيڪ نه هئي، اڄ جڏهن ايوان ۾ آيس ته ان حوالي سان سوچيو ته سڀني کي گڏجي ويهي لائحه عمل بڻائڻ گهرجي. قومي اسيمبلي ج?? اج??اس دوران اعلان ڪيو ته سمورا پارليماني اڳواڻ 11 وڳي منهنجي چيمبر ۾ ا??ن ته جيئن جيڪا غلطي ٿي آهي ان کي درست ڪري سگهجي.اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته هي هڪ فني غلطي هئي، آئون سڀني پارلياماني اڳواڻن جو ٿورائتو آهيان سڀني محنت ڪري معاملي ج?? حل ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. حلف نامي کي اصل صورت ۾ بحال ڪيو ويندو ۽ اڄ خميس ڏينهن قومي اسيمبلي ج?? اج??اس ۾ ان حوالي سان ترميمي بل ايوان مان منظور ڪرايو ويندو.
حلف نامي بابت ترميمي بل قومي اسيمبلي مان منظور ڪرايو ويندو: سردار اياز صادق
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil