اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته چونڊ سڌارن تي سڀئي پارٽيون گڏجي ويه?? ۽ ??تفقه فيصلو ڪن، پولنگ ٿيڻ کانپوءِ نتيجا صبح تائين ناهن ايندا، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي پرچي کان ٻاهر اچڻ کان ئي تيار نه آهن، مشينن جي تياري لاءِ ??ليڪشن ڪميشن تي بجيٽ جو اضافي بار نه پوندو، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سان اليڪٽرانڪ رڪارڊ سان گڏوگڏ پيپر رڪارڊ به هوندو، هر پولنگ اس??يشن ۾ اهي مشينون موجود هونديون جيڪي انٽرنيٽ کانسواءِ ڪم ڪنديون. اهي مشينون استعمال ۾ ڪرڻ ۾ آسان آهن، وزيراعظم عمران خان جي قيادت تي ڪنهن کي ڪو شڪ نه آهي، حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي، ايندڙ پنج سال به عمران خان وزيراعظم هوندو. هو پارليامينٽ هائوس ۾ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ سان گڏ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي باري ۾ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو. ان موقعي تي سينيٽر فيصل جاويد ۽ ٻيا ماهر به موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پولنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ ??ڀ کان اهم مسئلو نتيجن جو وقت سر نه اچڻ آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ اليڪشن جي نتيجن کي تسليم ڪرڻ جا مسئلا رهندا آهن، ان جو حل اهو آهي ته چونڊ سڌارن تي سڀئي پارٽيون گڏجي متفقه فيصلو ڪن، پر ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي پرچي کان ٻاهر اچڻ لاءِ ??يار ئي نه آهن، هن چيو ته ڊسڪه ۽ ڪراچي اليڪشن ۾ اهي شڪايتون رهيون ته پولنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ ??يندڙ ڏينهن تائين نتيجا سامهون نه آيا، هن ٻڌايو ته پاڪستان جي انجنيئرز، سائنسدان?? ۽ ??ونيو??سٽ??ن ۾ موجود ماهرن اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي تيار?? ۾ ??دد ڪئي، جڏهن ان منصوبي تي ڪم شروع ٿيو ته ان وقت اليڪشن ڪميشن تقريبن 36 شرط ڏنا ته جيڪا مشين تيار ڪئي وڃي اها ان 36 شرطن تي پورو لهي، هن ٻڌايو ته انهن مشينن جي تياري ۾ انهن سڀني شرطن کي مڪمل ڪيو ويو.
چونڊ سڌارن تي سڀئي پارٽيون گڏجي ويهن ۽ متفقه فيصلو ڪن: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر