اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته فضل ??لر??مان جو پاڪستاني پارلياماني سياست ۾ ڪو ڪردار نه آهي، پارليامينٽ بابت اهي ئي ڳالهه ڪرڻ جا مجاز آهن جيڪي پارليامينٽ جو حصو آهن، پي ڊي ايم انهن جو ناڪام ترين پروگرام آهي، تاريخن تي تاريخون انهن جو شيوو بڻجي چڪو آهي، فضل ??لر??مان 3 سالن کان سياسي بيروزگار آهي، پن??نجي روزگار جي لاءِ جمهوري حڪومت ج?? خلاف سازشن ۾ مصروف آهي، جنهن جو پن??نجو دامن ۽ ماضي داغدار هجي اهو صادق ۽ امين قرار ڏنل وزيراعظم ??مران خان جي خلاف ڪهڙي منهن سان ڳالهه ڪري ٿو. فضل ??لر??مان جي بيان تي پن??نجي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته عمران خان واحد شخص آهي جنهن کي عالمي سطح سان گڏوگڏ پاڪستان جي اندر به پذيرائي حاصل آهي، سڄي دنيا ۾ رڪارڊ مهانگائي ٿي آهي، ڪجهه شرپسند عنصر پاڪستان جي مهانگائي جي آڙ ۾ پن??نجو سياسي دڪان چمڪائي رهيا آهن. هن چيو ته موجوده حڪومت ماضي جي قرضن جي قسطن ۽ قرضن تي وياج جي ادائيگي لاءِ مجبور ٿي قرض ورتا، فضل ??لر??مان (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي ڪرپشن ۾ حصيدار آهي، فضل ??لر??مان حقيقتون ٻڌائڻ کان عاري آهي، 2018ع جي ال??ڪشن ۾ شڪست کانپوءِ انهن جي دماغي پوزيشن ٺيڪ ناهي رهي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي 2018ع جي ال??ڪشن ۾ رڪارڊ ووٽ مليا، 2023ع جي ال??ڪشن ۾ ڪارڪردگي جي بنياد تي ان کان ڊبل ووٽ کڻنداسين. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته (ن) ليگ جي حڪومت ۾ ال??ڪشن جي فارم مان ختم نبوت ج?? خاتمو ڪرڻ جي تائيد ۽ حمايت ڪندڙ فضل ??لر??مان آهي. وزيراعظم ??مران خان ناموس رسالت ج?? تحفظ لاءِ هر فورم تي آواز اٿاريو، 22 ڪروڙ عوام اسلام جي آڙ ۾ ذاتي مفادن جي سياست ڪندڙن کان ڇوٽڪارو چاهي ٿي.
فضل الرحمان جو پاڪستاني پارلياماني سياست ۾ ڪو ڪردار نه آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ