نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي جي دعوت تي پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽو زرداري گروپ آف فرينڊز آف دي گلوبل ڊيولپمينٽ انيشيٽو (جي ڊي آءِ) جي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب جي ڊي آءِ جي تجويز چيني صدر شي جن پنگ 20 سيپٽمبر 2022ع تي ڏني هئي. پاڪستان 50 کان ??ڌيڪ ملڪن تي ٻڌل ”گروپ آف فرينڊز“ ۾ شامل آهي جنهن جو قيام جي ڊي آءِ جي مقصدن کي فروغ ڏيڻ ??ي لاءِ عمل ۾ آندو ويو هو. ان ??وقعي تي پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽو زرداري چيو ته چين جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو ۾ پاڪ چين اقتصادي لنگهه هڪ اهم منصوبو آهي. هن چيو ته پاڪستان 29 ارب ڊالر جي ٽرانسپورٽ ۽ توانائي جي منصوبن تي عم??در??مد ڪيو آهي جنهن سان ??اڪستان جي ترقي ۾ اضافو ٿيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ??وس ۽ وسيع اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ پائيدار ترقي جي هدفن کي لاڳو ڪرڻ ۽ امن ۽ خوشحالي جي گڏيل مستقبل جي لاءِ اسان جي گڏيل خواهش کي پورو ڪرڻ جي لاءِ چين ۽ گروپ آف فرينڊز جي ٻين ميمبرن سان گڏجي ??م ڪرڻ جو منتظر آهي.
چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي جي دعوت تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاران جي ڊي آءِ جي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار