اسلام آباد-20 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان حڪومت جي ٻوڏ متاثرن ۽ متاثر علائقن جي بحاليءَ لاءِ هنگامي ??مد??دي ڪمن ۾ مدد لاءِ 30 لک ڊالرن جي گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اها گرانٽ آبادگارن جي فصلن کي نقصانن جي ازالي، بنيادي ڍانچي جي نئين سر تعمير ۽ متاثرن جي آبادڪاري جي مد ۾ فراهم ڪئي ويندي. تفصيل مطابق ا??شيائي ترقياتي بئنڪ طرفان پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ وڏي پيڪيج جي منظوري ڏني آهي. ايشيا پيسفڪ ڊزاسٽر ريسپانس فنڊ کان مالي اعانت ٿيندڙ اها گرانٽ سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ خوراڪ جي سامان، خيمن ۽ ٻين ??مد??دي سامان جي فوري خريداري لاءِ فنڊ فراهم ڪئي ويندي. اي ڊي بي اعلان مطابق ٻوڏ سان متاثرعلائقن ۾ رليف لاءِ 30 لک ڊالرن جو فنڊ فراهم ڪيو ويندو، رقم سان ٻوڏ سبب غريب ۽ مستحق ماڻهن سبب بيمار عورتن ۽ ٻارن جي مدد ڪئي ويندي. فنڊن مان آبادگارن جي فصلن جي نقصان جو ازالو، ٻيهر فصلن جي پوکيءَ جا موقعا فراهم ڪرڻ هوندو ۽ ٻوڏ سبب تباهه ٿي?? روڊن، پُلن، گهرن، اسڪولن، اسپتالن ۽ ٻين عمارتن جي نئين سر تعمير ۾ مدد ملندي. اي ڊي بي جي ڊائريڪٽر جنرل چيو آهي ته اسان مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستاني عوام سان گڏ آهيون. اسان هن قدرتي آفت سبب تباهه ڪُن اثرن تي ضابطو آڻڻ ۽ متاثر ڪٽنبن جي فوري ??مد??د فراهم ڪرڻ ۾ پاڪستان جي مدد ڪرڻ لاءِ حڪومت ۽ ٻين ترقياتي شراڪتدارن سان گڏجي ڪم ڪ??ڻ لاءِ پُرعزم آهيون. اي ڊي بي جي ڪنٽري ڊائريڪٽر چيو ته اسان جي ٽيم ڊگهي مُدي واري بحاليءَ لاءِ پاڪستان حڪومت ۽ اتان جي برادريءَ سان گڏجي ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪ??ي رهي آهي.
ايشيائي ترقياتي بئنڪ ٻوڏ متاثرن لاءِ 30 لک ڊالر امداد جي منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی