اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (??ي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڪ??تا?? ۽ چين دوستي جي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهن، چين پاڪ??تا?? جو مخلص دوست آهي جنهن مشڪل جي هر گهڙيءَ ۾ پاڪ??تا?? جو ساٿ ڏنو، 74 سالن ۾ چين سائنس، ٽيڪنالاجي، معيشت، ثقافت، اقتصادي ۽ سماجي ترقي، استحڪام، قومي اتحاد ۽ سرحدي دفاعي استحڪام تمام گهڻي ترقي ڪئي، چين اڄ پنهنجي محنت جي ڪري دنيا جي وڏين معيشتن ۾ شامل آهي. اها ڳالهه هن چين جي 74 هين قومي ڏين??ن جي موقعي تي چيني سفارتخاني پاران منعقد تقريب ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته چين پنهنجي آزادي جون 74 بهارون ڏسي چڪو آهي، چين او????اه??ن مان روشني طرف، غربت مان ترقي طرف هڪ نئون رستو کوليو، 74 سالن ۾ چين سائنس، ٽيڪنالاجي، معيشت، ثقافت، اقتصدي ۽ سماجي ترقي، استحڪام ۽ قومي اتحاد ۽ سرحدي دفاعي استحڪام ۾ تمام گهڻي ترقي ڪئي، چين اڄ پنهنجي محنت جي ڪري دنيا جي وڏين معيشتن ۾ شامل آهي. چين جنهن انداز ۾ دنيا آڏو ترقي ۽ خوشحالي جو منصوبو متعارف ڪرايو، ان سان ان جي قدر ۾ اضافو ٿيو آهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته چين جي ترقي ۽ خوشحالي جي منصوبي سان اهو ثابت ٿيو ته چين ”گڏيل خوشحالي“ ۽ ”گڏيل ترقي“ جي پاليسي تي عمل پيرا آهي. هن چيو ته ترقي جي جنهن مقام تي چين اڄ پهچي چڪو آهي، ان سان پاڪ??تا?? ئي نه خطي جا ٻيا ملڪ به فائدو کڻي سگهن ٿا. هن چين جي قومي ڏين??ن جي موقعي تي چين جي عوام، حڪومت، چيني سفارتخاني جي سمورن عملي کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪ??تا?? ۽ چين جي دوستي جو اهو سفر اهڙي طرح جاري رهندو. تقريب ۾ چين جي سفير جيانگ زيڊونگ ۽ معزز مهمانن چين جي قومي ڏين??ن جي مناسبت سان گڏجي ڪيڪ پڻ ڪاٽيو.
پاڪستان ۽ چين دوستي جي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهن، چين پاڪستان جو مخلص دوست آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن