اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي سمٽ 2024ع جو انعقاد پاڪستان جي لاءِ اعزاز جو سبب آهي. اه?? ڳالهه هن قومي صحت واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪن??ي چئي. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر ڊاڪٽر طارق محمود خان به موجود هو. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪن??ي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي سربراهه ڪانفرنس 10 ۽ 11 جنوري تي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ٿي ر??ي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ اه?? ڪانفرنس پهريون ڀيرو ٿي ر??ي آهي، جيڪا پاڪستان جي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته اه?? ڪانفرنس انسانن جي صحت بابت آهي. عوام جي صحت بابت مسئلا ئي اصل مسئلا آهن. ان موقعي تي قومي صحت واري نگران وفاقي وزير صحافين کي ڪانفرنس جي حوالي سان تفصيلن بابت پڻ آگاهه ڪيو.
گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي سمٽ 2024ع جو انعقاد پاڪستان جي لاءِ اعزاز جو سبب آهي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ