اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڏ??ڻ ڪوريا جي وچ ۾ خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان گهرا رابطا آهن، پاڪستان ڪوريا جي صنعت، ننڍي پئماني جي صنعتن جي ترقي، آءِ ٽي ۽ آر??يفيشل انٽيلي جنس جي شعبن ۾ تجربي مان فائدو کڻڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم ??في?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ ڏ??ڻ ڪوريا جي سفير پارڪ ڪي جون سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڏ??ڻ ڪوريا جي سفير وزيراعظم کي ڪوريا جي قيادت پاران ٻيو ڀيرو وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم ڏ??ڻ ڪوريا جي قيادت جي مبارڪباد واري پيغام جا ٿورا مڃيا ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ڏ??ڻ ڪوريا جي وچ ۾ لاڳاپا خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان گهرا رابطا آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن 1960ع جي ڏهاڪي جي شروع کان ئي اقتصادي ترقي جي لاءِ تعاون جي شروعات ڪئي. وزيراعظم ڏ??ڻ ڪوريا جي معيشت ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي رونما ٿيندڙ نمايان تبديلي کي ساراهيو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڏ??ڻ ڪوريا جي صنعت، خاص طور تي ننڍي پئماني جي صنعت جي شعبي جي ترقي، آءِ ٽي شعبي بشمول آر??يفيشل انٽيلي جنس جي تجربي مان سکڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم ڪوريا جي انساني وسيلن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان مان هنرمند افرادي قوت جي برآمد ۾ اضافي جي آڇ پڻ ڪئي. گڏيل طور تي فائديمند واپار کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هن سيول ۽ اسلام آباد جي وچ ۾ واپاري وفدن جي مٽاسٽا جي تجويز پيش ڪئي. ان حوالي سان وزيراعظم چيو ته هو ڪابينا جي لاڳاپيل وزيرن کي ڪوريا جي ڪمپنين پاران موجوده سيڙپڪاري سان گڏوگڏ نوان موقعا ڳولڻ جي لاءِ ڪوريا سان هم آهنگي پيدا ڪرڻ جي هدايت ڪندو. وزيراعظم صدر يون سڪ يول کي پاڪستان جي سرڪاري دو??ي جي دعوت پڻ ڏني. ڏ??ڻ ڪوريا جي سفير وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ ڪوريا جي حڪومت جي پاڪستان سان گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، آءِ ٽي، ثقافت، سياحت ۽ عوامي رابطن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.
پاڪستان ڪوريا جي صنعت، ننڍي پئماني جي صنعتن جي ترقي، آءِ ٽي ۽ آرٽيفيشل انٽيلي جنس جي شعبن ۾ تجربي مان فائدو کڻڻ جو خواهشمند آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil