??ست??نه – 04 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪائونسل آف هيڊس آف اسٽيٽ (ايس سي او) جي 24هين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت لاءِ قزا??ست??ن جي گادي واري شهر ??ست??نه ۾ موجود عالمي اڳواڻن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪئي ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ترڪ صدر رجب طيب اردوان، آذربائيجان جي صدر الهام ??ليوف، تاجڪستان جي صدر امام ??لي رحمان، ڪرغزستان جي صدر صدير ??اپاروف ۽ بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪا شنڪو سان به ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف ٻين اڳواڻن سان گڏ اجلاس جي پڄاڻي تي گهڻ طرفي ڳالهه ٻولهه کي مضبوط ڪرڻ، پائيدار امن ۽ خوشحالي طرف جدوجهد جي عنوان سان جاري ٿيندڙ پڌرنامي تي صحيحُون ڪرڻ لاءِ شريڪ ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان، چين، روس، تاجڪستان، ترڪي، ازبڪستان، بيلاروس، ايران، ڪرغزستان، ڀارت ۽ ٻي?? مُلڪن جي اڳواڻن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي.