ڪوئيٽا – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير دشمن قوتن کي ڪنهن به قيمت تي بلوچس??ان جي امن ۽ ترقي کي متاثر ڪرڻ کان روڪڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي جڏهن ته نيشنل ايڪشن پلان جي صوبائي ايپڪس ڪميٽي ان عزم جو اظهار ڪيو ته بزدلاڻي حملن جي منصوباسازن، اتساهيندڙن، سهولتڪارن ۽ مرتڪب ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. وزيراعظم آفي?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ نيشنل ايڪشن پلان جي صوبائي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلا?? جي شرڪت ڪندڙن بلوچس??ان ۾ تازي دهشتگردي جي حملن جي ش??يدن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي، متاثرين جي پونئيرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ وڌيڪ معصوم جانين جي زيان کي روڪڻ جي لاءِ وقت سر جواب ڏيڻ تي ??يڪ??ورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. اجلا?? جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي وزيراعظم بلوچس??ان جي عوام جي قومي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ قربانين ۽ ڪردار کي ساراهيندي عزم ڪيو ته پاڪس??ان جا دشمن بلوچس??ان ۾ بدامني ڦهلائڻ چاهين ٿا، انهن کي پوري قوت ۽ قومي حمايت سان شڪست ڏني ويندي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته بلوچس??ان ۾ ٿيندڙ تازي افسوسناڪ واقعي سان پوري قوم ڏکويل آهي. هن چيو ته معصوم ماڻهن جو رت وهائيندڙ خوارج کي ڪنهن به قسم جي گنجائش نه ڏني ويندي. وزيراعظم چيو ته بلوچس??ان پاڪس??ان جو هڪ اهم ۽ خوبصورت صوبو آهي ۽ ان جي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته وطن ۽ معصوم شهرين جي لاءِ جانيون قربان ڪندڙن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. وزيراعظم واضح ڪيو ته پاڪس??ان جي آئين جو احترام ڪندڙن سان ئي ڳالهيون ممڪن ٿي سگهن ٿيون جيڪي قومي جهنڊي کي سلامي ڏين ٿا. ڪميٽي معصوم پاڪستانين کي نشانو بڻائيندڙ بزدلاڻي دهشتگرد حملن جي شديد مذمت ڪئي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي صوبي ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جو عزم ڪيو. بلوچس??ان ۾ ??يڪ??ورٽي جي صورتحال ۽ دهشتگردن جي خلاف جاري آپريشنز جو جامع جائزو ورتو ويو ۽ ڪميٽي ??يڪ??ورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي وچ ۾ انٽيلي جنس شيئرنگ ۽ رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. فورم ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي)، پوليس، ليويز ۽ لاڳاپيل ادارن جي صلاحيت وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. وزيراعظم ۽ آرمي چيف دشمن قوتن کي ڪنهن به قيمت تي بلوچس??ان جي امن ۽ ترقي کي متاثر ڪرڻ کان روڪڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم قومي ترقي جي لاءِ بلوچس??ان جي عوام جي قربانين ۽ تعاون کي ساراهيندي عزم ڪيو ته پاڪس??ان جا دشمن بلوچس??ان ۾ بدامني ڦهلائڻ چاهين ٿا، انشاءَ الله پوري قوت ۽ قومي حمايت سان شڪست ڏني ويندي. ڪميٽي ان عزم جو اظهار ڪيو ته بزدلاڻي حملن جي منصوباسازن، اتساهيندڙن، سهولتڪارن ۽ مرتڪب ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو ۽ شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ کي هر قيمت تي يقيني بڻايو ويندو. اجلا?? جي آخر ۾ وزيراعظم بلوچس??ان ۾ تازن دهشتگردي جي واقعن ۾ شهيد ٿيندڙن جي پونئيرن ۾ امدادي رقم جا چيڪس ورهايا ۽ انهن کي رياست پاران مڪمل تعاون ۽ تحفظ جو يقين ڏياريو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، منصوبابندي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر احسن اقبال، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، بلوچس??ان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي، اهم صوبائي وزيرن، صوبائي سيڪريٽريز، ڪمانڊر بلوچس??ان ڪور ۽ سينيئر سول، پوليس، انٽيلي جنس ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير پاران دشمن قوتن کي ڪنهن به قيمت تي بلوچستان جي امن ۽ ترقي کي متاثر ڪرڻ کان روڪڻ جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino