اسلام آباد-05 سيپٽمبر(اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي ايم اين اي حاجي رسول بخش چانڊيو چيو آهي ته منهنجي تڪ ۾ ٻوڏ سبب نقصان ٿيو آهي، سم نالن کي گهارا پئجي ويا آهن، هر طرف پاڻي آهي، اين ڊي ايم اي هِن صورتحال ۾ به گُم آه??، وزير چوي ٿو هُنن پنج ڪلوميٽرن تائين گئس ??راهم ڪئي آهي، پر منهنجي تڪ ۽ بدين ضلعي ۾ هڪ فرلانگ تي به گئس ??اه??، وزير پاڻ هلي ڏسي. قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي ڳالهائيندي حاجي رسول بخش چانڊيو چيو ته منهنجي تڪ ۾ ٻوڏ سبب نقصان ٿيو آهي، اين ڊي ايم اي کي صورتحال جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. اڃان تائين پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، هِن چيو ته مُون برسات جي تباهين کي اکين سان وڃي ڏٺو آهي، گولاڙچي، بدين، ڪڍڻ، ٽنڊوباگو سميت سامونڊي پٽي ۾ تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، ماڻهن لڏپلاڻ ڪئي آهي، سم نالن کي وڏا گهارا پيا آهن جن جي ڪري هر طرف پاڻي آهي ۽ ماڻهُوءَ وڏي پريشاني ۾ ورتل آهن، پي ڊي ايم اي ڪم ڪري رهي آهي پر اين ڊي ايم اي وارا الائي ڪٿي گُم آهن، سارين جي فصل سميت ٻين فصلن کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، ان جو ازالو ڪيو وڃي، هِن چيو ته بدين به پاڪستان جو حصو آهي ۽ ضلعي جي مسئلن جي حل لاءِ ادارن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، هِن وڌيڪ چيو ته وزير چوي ٿو هُنن پنج ڪلوميٽرن تائين گئس ??راهم ڪئي آهي، بدين کي اهو اعزاز حاصل آهي ته تيل ۽ گئ?? سڀ کان پهرين بدين مان نڪ??و، پر منهنجي تڪ ۽ بدين ضلعي ۾ هڪ فرلانگ تي به گئس ??اه??، وزير هلي ۽ مُون سان گڏ هلي صورتحال جو جائزو وٺي ۽ ڏسي هلي پنج ڪلوميٽرن تي ڪٿي گئس ??ليل آهي، هِن چيو ته وزير پنهنجي واعدي کي پُورو ڪندي منهنجي تڪ جي ڳوٺن کي گئس ??راهم ڪري.
منهنجي تڪ ۾ ٻوڏ سبب نقصان ٿيو آهي، سم نالن کي گهارا پئجي ويا آهن، هر طرف پاڻي آهي، اين ڊي ايم اي هِن صورتحال ۾ به گُم آهي، وزير چوي ٿو هُنن پنج ڪلوميٽرن تائين گئس فراهم ڪئي آهي، پر منهنجي تڪ ۽ بدين ضلعي ۾ هڪ فرلانگ تي به گئس ناهي: حاجي رسول بخش چانڊيو
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں